2 ڀلي تہ ڪو ٻيو تنهنجي تعريف ڪري ۽ نہ خود تنهنجو وات، ڪو ڌاريو ڪري ۽ نہ خود تنهنجا چپ.
2 اوهين پنهنجي تعريف پاڻ نہ ڪريو، ڀلي تہ ڪو ٻيو اوهان جي واکاڻ ڪري.
۽ هن چيو تہ مون سان اچ ۽ خداوند جي لاءِ منهنجيءَ دل جو شوق ڏس. انهيءَ طرح کيس هن جي رٿ تي چاڙهيائون.
گهڻو ڪري هرڪو ماڻهو پنهنجي مهربانيءَ جي خبر ڏيندو: پر وفادار ماڻهو ڪير لهي سگهندو؟
گهڻي ماکي کائڻ چڱي ناهي، انهي طرح ماڻهن جي لاءِ خود پنهنجي عزت ڳولڻ عزت ناهي.
پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري وزني آهي، پر بي عقل جي چڙ انهن ٻنهي کان ڳري آهي.
ڇالاءِ جو اسين اهڙا جرئت وارا نہ آهيون جو پاڻ کي انهن شخصن سان شمار ڪريون، يا انهن سان مقابلو ڪريون جي پنهنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن: پر اُهي پاڻهي پاڻ کي هڪ ٻئي سان آزمائي ۽ مقابلو ڪري نادان ٿا ٿين.
ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي تعريف ٿو ڪري سو قبول نٿو پوي، پر اهو جنهن جي خداوند تعريف ٿو ڪري.
آئون بيوقوف تہ برابر ٿيو آهيان، مگر اوهان ئي مون کي لاچار ڪيو؛ ڇالاءِ جو اوهان کي منهنجي تعريف ڪرڻ کپندي هئي: انهي لاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون ڪي ڪين آهيان تہ بہ افضل رسولن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ آهيان.