Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 27:10 - Sindhi Bible

10 پنهنجي دوست کي ۽ پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي نہ ڏي، ۽ پنهنجي مصيبت جي ڏينهن پنهنجي ڀاءُ جي گهر ڏي نہ وڃ، ڇالاءِ جو انهيءَ ڀاءُ کان جو پري آهي ويجهو پاڙيسري بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پنهنجي مصيبت جي ڏينهن ۾ پنهنجي دوست يا پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي پري وارن مائٽن ڏانهن نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ ويجھو دوست انهن کان وڌيڪ بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 27:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سائول جو پٽ مفيبوست بادشاهہ جي استقبال لاءِ لهي آيو؛ ۽ جنهن ڏينهن بادشاهہ روانو ٿيو تنهن کان وٺي وري صحيح سلامت موٽي گهر اچڻ جي ڏينهن تائين هن نہ پنهنجا پير ڌوتا هئا، نہ پنهنجي ڏاڙهي ڪتري هئائين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڌوتا هئائين.


ڇالاءِ جو منهنجي پيءُ جو سارو گهراڻو منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي اڳيان ڄڻ تہ مُئل ماڻهو هئا: انهيءَ هوندي بہ تو پنهنجي ٻانهي کي انهن جي قطار ۾ داخل ڪيو جي خود تنهنجي دسترخاني تي ماني ٿا کائين. تنهنڪري ايتري ڪئي بہ مون کي ڪهڙو حق آهي تہ آءٌ بادشاهہ وٽ دانهن ڪريان؟


پر بادشاهہ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي وچ ۾ خداوند جو قسم هو، يعني دائود ۽ يونتن بن سائول جي وچ ۾.


انهيءَ طرح يوآس بادشاهہ اُها مهرباني ياد نہ ڪئي جا هن جي پيءُ يهويدع ڪئي هئس، پر انهيءَ جي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيائين. ۽ جڏهن زڪرياہ مئو، تڏهن هن چيو تہ شل خداوند اهو ڏسي ۽ انهيءَ جو حساب وٺي.


دوست هر وقت پيار ڪري ٿو، ۽ ڀاءُ مصيبت جي وقت لاءِ ڄائو آهي.


جيڪو گهڻا دوست ٿو ڪري سو خود پنهنجي ناس ٿيڻ لاءِ ٿو ڪري: پر اهڙو بہ ڪو دوست ٿيندو آهي جو ڀاءُ کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪري.


غريب جا سڀ ڀائر کيس ڌڪارين ٿا؛ سندس دوست کانئس ڪيترو نہ وڌيڪ پري وڃن ٿا! هو ڳالهائيندو هنن جي پٺيان وڃي ٿو پر هو هليا وڃن ٿا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جن ابن ڏاڏن مون ۾ ڪهڙي بي انصافي ڏٺي جو مون کان پري هليا ويا آهن، ۽ بيهودگيءَ جي پٺيان پئي رليا آهن، ۽ مغرور ٿي ويا آهن؟


۽ جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ ٻَڌي ڪئي ۽ لعنت وجهي چيائون، تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين.


تون پنهنجي ڀاءُ جو ڏاند يا رڍ رلندي ڏسين، تہ ڏٺي اڻ ڏٺي نہ ڪج: پر تون ضرور ورائي آڻي پنهنجي ڀاءُ کي ڏج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ