3 چهبڪ گهوڙي لاءِ، لغام گڏهہ لاءِ، ۽ لڪڻ بي عقلن جي پٺيءَ لاءِ.
3 جهڙيءَ طرح گھوڙي لاءِ لغام ۽ گڏهہ لاءِ چهبڪ ضروري آهي، تهڙيءَ طرح بيوقوف جي پٺيءَ لاءِ لڪڻ.
اوهين گهوڙي يا خچر وانگي بي سمجهہ نہ ٿيو: جنهن کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ لغام ۽ واڳ وجهبي آهي، نہ تہ اُهي تو وٽ ڪين ايندا.
سياڻپ واري جي چپن ۾ ڏاهپ لڀي ٿي: پر جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهنجي پٺن لاءِ لڪڻ آهي.
جنهن کي سمجهہ آهي تنهن تي ڇڙٻ اهڙو اونهو اثر ٿي ڪري جهڙو ڪنهن بي عقل کي سؤ چهبڪ نٿا ڪن.
ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻ تہ ڀورڙو عقل سکي: سمجهہ واري کي عتاب ڏي ۽ هو علم سکندو.
سزا جا فيصلا ٺٺوليون ڪندڙن جي لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن، ۽ چهبڪ بي عقلن جي پٺن لاءِ
جيتوڻيڪ تون ڪنهن بي عقل کي ڪٽيل اَن سان گڏ اکريءَ مهريءَ ۾ کڻي ڪُٽيندين، تہ بہ ان جي بي عقلي منجهانئس نڪري نہ ويندي.
اوهين ڇا ٿا گهُرو؟ آئون لٺ کڻي اوهان وٽ اچان يا پيار ۽ نرم مزاجيءَ سان؟
۽ تيار ٿا رهون تہ جڏهن اوهان جي فرمانبرداري پوري ٿئي، تڏهن هر طرح جي نافرمانيءَ جو بدلو وٺون.
جڏهن آئون ٻئي ڀيري حاضر هوس، تڏهن جيئن اڳيئي چيو هوم، تيئن هن ڀيري بہ جڏهن آئون غير حاضر آهيان، انهن کي ٿو چوان جن هيستائين گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ ٻين سڀني کي بہ ٿو چوان تہ جڏهن آئون ايندس، تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس؛