16 سست پاڻ کي انهن ستن ماڻهن کان ڏاهو ٿو سمجهي، جي پورو دليل ڏيئي سگهن ٿا.
16 سُست ماڻهو ستن ڏاهن ماڻهن کان بہ وڌيڪ پاڻ کي داناءُ ٿو سمجھي.
بي عقل جو رستو سندس نظر ۾ سنئون آهي: پر جيڪو ڏاهو آهي سو مصلحت ٻڌي ٿو.
تون اهو ماڻهو ڪي ڏسين ٿو جو پنهنجي خيال ۾ پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجهي؟ انهي کان بي عقل ۾ زيادہ اميد آهي.
اي منهنجا پٽ ڏاهو ٿيءُ منهنجي دل خوش ڪر، تہ جيڪو مون کي طعنو ٿو هڻي تنهن کي جواب ڏيئي سگهان.
اي سست، تون ماڪوڙيءَ وٽ وڃ؛ هن جي رستن تي ويچار ڪر، ۽ ڏاهو ٿيءُ:
پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ پاڪ سمجهو ۽ جا اُميد اوهان ۾ آهي، تنهن جو سبب جيڪو ماڻهو اوهان کان پڇي تنهن کي جواب ڏيڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، مگر حليمائيءَ ۽ ادب سان.