Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 26:12 - Sindhi Bible

12 تون اهو ماڻهو ڪي ڏسين ٿو جو پنهنجي خيال ۾ پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجهي؟ انهي کان بي عقل ۾ زيادہ اميد آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اوهان ڪو اهڙو ماڻهو ڏٺو هوندو، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجھي. انهيءَ کان تہ بي‌وقوف مان وڌيڪ اميد آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 26:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بي عقل جو رستو سندس نظر ۾ سنئون آهي: پر جيڪو ڏاهو آهي سو مصلحت ٻڌي ٿو.


تون اهو ماڻهو ڏسين ٿو جو پنهنجي ڪم ڪار ۾ محنتي آهي؟ اهو بادشاهن جي حضور ۾ بيهندو؛ هو خسيس ماڻهن جي اڳيان نہ بيهندو.


سست پاڻ کي انهن ستن ماڻهن کان ڏاهو ٿو سمجهي، جي پورو دليل ڏيئي سگهن ٿا.


بي عقل کي سندس بي عقليءَ موجب جواب ڏي، متان هو پاڻ کي پنهنجي خيال موجب ڏاهو سمجهي.


دولتمند ماڻهو پنهنجي سمجهہ موجب ڏاهو آهي، پر سمجهہ وارو غريب اُن کي جانچي وٺي ٿو.


جيڪو پنهنجي دل تي ڀروسو ٿو رکي سو بي عقل آهي، پر جيڪو ڏاهپ سان هلي ٿو سو ڇوٽڪارو لهندو.


اهو ماڻهو ڪي ڏسين ٿو جو ڳالهائڻ ۾ تڪڙو آهي؟ انهي کان بي عقل ۾ زيادہ اميد آهي.


پنهنجيءَ نظر ۾ ڏاهو نہ ٿيءُ: خداوند کان ڊڄ ۽ خرابيءَ کان پري ڀڄ:


افسوس انهن تي جي پنهنجي نظر ۾ ڏاها آهن ۽ پنهنجي نگاهہ ۾ سياڻا آهن!


انهن ٻنهي مان پنهنجي پيءُ جي مرضيءَ تي ڪير هليو؟ هنن چيس تہ پهريون. يسوع چين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ محصولي ٺيڪيدار ۽ ڪسبياڻيون اوهان کان اڳي خدا جي بادشاهت ۾ وينديون.


فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.


۽ اُنهيءَ زال ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ هن زال کي ڏسين ٿو؟ آئون تنهنجي گهر آيس، تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجن ڳوڙهن سان ڌوتا، ۽ پنهنجن وارن سان اُگهيا آهن.


يسوع چين تہ جيڪڏهن انڌا هجو ها تہ اوهان تي ڏوهہ ڪونہ هجي ها، پر هاڻي جو چئو ٿا تہ اسين ڏسون ٿا، تنهنڪري اوهان تي ڏوهہ قائم آهي.


پاڻ ۾ يڪدل ٿي رهو. وڏن وڏن خيالن تي پنهنجي دل نہ ڄمايو، پر جيڪي نماڻا آهن تن سان سنگت رکو. پاڻ کي عقل وارا نہ سمجهو.


ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ آئون دولتمند آهيان، ۽ گهڻي دولت گڏ ڪئي اٿم، ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج ڪانہ اٿم؛ پر توکي اها خبر ڪانهي تہ تون ڪمبخت، ڏکيو، ۽ ڪنگال، انڌو ۽ اُگهاڙو آهين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ