Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 25:2 - Sindhi Bible

2 اهو خدا جو جلال آهي تہ ڪا شيءِ لڪائي: پر بادشاهن جو فخر انهيءَ ۾ آهي تہ ڳالهہ ڳولي ظاهر ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خدا جا راز ڳجھا آهن ۽ انهيءَ مان ئي سندس عظمت ظاهر آهي، جڏهن تہ بادشاهہ جي عظمت انهيءَ ۾ آهي تہ هو رازن بابت کوجنا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 25:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن جوان ماڻهوءَ خبر ڏنس، تنهن کي دائود چيو تہ تون ڪيئن ٿو ڄاڻين تہ سائول ۽ سندس پٽ يونتن مري ويا آهن؟


تڏهن بادشاهہ چيو تہ انهيءَ ساري ڳالهہ ۾ يوآب جو هٿ توسان آهي ڇا؟ ۽ اُنهي زال ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، جيڪي منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ فرمايو آهي تنهن کان ڪوبہ ماڻهو نہ سڄي هٿ پاسي ڦري ٿو سگهي نہ کٻي هٿ پاسي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي يوآب مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ انهي اهي سڀ ڳالهيون تنهنجي ٻانهيءَ جي وات ۾ وڌيون:


انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڳولا ڪرڻ ۾ اچي: جنهن مان توکي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ معلوم ٿيندو، تہ هي شهر هڪڙو باغي شهر آهي، ۽ انهيءَ مان بادشاهن ۽ پرڳڻن کي نقصان آهي، ۽ هنن اڳي بہ انهيءَ ساڳي هنڌ فساد برپا ڪيو آهي: انهيءَ سبب هي شهر ويران ٿي ويو هو.


۽ مون حڪم ڪيو، ۽ ڳولا ڪئي ويئي آهي، ۽ معلوم ٿيو آهي تہ هي شهر قديم وقت کان وٺي بادشاهن جي برخلاف باغي پئي ٿيو آهي، ۽ ان ۾ فتنو ۽ فساد ڪرڻ ۾ پئي آيو آهي.


تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن بادشاهہ کي ائين مناسب نظر اچي تہ بادشاهہ جي خزاني ۾، جو بابل ۾ آهي، تنهن ۾ تلاش ڪئي وڃي، ۽ ڏسجي تہ ائين آهي يا نہ، تہ بادشاهہ خورس خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جي جوڙڻ جو حڪم ڪيو هو يا نہ، ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهہ بابت جيڪا بادشاهہ جي مرضي هجي، سا اسان کي چوائي موڪلي.


تڏهن دارا بادشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو، ۽ بابل ۾ جنهن دفترخاني ۾ خزانا رکيل هئا، تن جي تلاشي ورتي ويئي.


آءٌ محتاجن جي لاءِ پيءُ هوس، ۽ جنهن کي آءٌ اصل نہ سڃاڻندو هوس تنهنجي معاملي جي جاچ ڪندو هوس.


جڏهن مون زمين جا بنياد وڌا تڏهن تون ڪٿي هئين؟ جي توکي سمجهہ آهي تہ ٻڌاءِ.


جيڪو اجايو اعتراض ٿو آڻي سو ڪو قادر مطلق سان تڪرار ڪندو ڇا؟ جيڪو خدا سان بحث ڪري ٿو، تنهن کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي.


اهو ڪير آهي جو ناداني ڪري صلاح مصلحت کي لڪائي ٿو؟ تنهن ڪري مون اهي ڳالهيون ڪيون آهن جي مون نہ سمجهيون، اهي ڳالهيون جي منهنجي لاءِ تمام حيرت جهڙيون هيون ۽ جي مون نٿي ڄاتيون.


گهڻي ماکي کائڻ چڱي ناهي، انهي طرح ماڻهن جي لاءِ خود پنهنجي عزت ڳولڻ عزت ناهي.


آسمان جي بلندي ۽ زمين جي اونهائي، ۽ بادشاهن جي دل جو حال ڳولي لهڻ جو ئي نہ آهي.


۽ منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ آسمان هيٺ جيڪي ڪيو ويو آهي، تنهن سڀ جي نسبت ۾ ڏاهپ جي وسيلي ڳولا ۽ جاچ ڪريان: اها هڪڙي سخت تڪليف آهي جا خدا انسان کي ڏني آهي تہ انهي ڳالهہ جو خيال ڪن.


۽ خداوند غصي ۾، ڪاوڙ ۾، ۽ ڏاڍي چڙ ۾ ڀرجي هنن جي ملڪ مان سندن پاڙ پٽي ڪڍي، ۽ کين ٻئي ملڪ ۾ اُڇلايائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا آهي: پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان جون ۽ اسان جي اولاد جون آهن، انهي لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ