8 جيڪو برائي ڪرڻ جون رٿون ڪري ٿو، تنهن کي ماڻهو فسادي شخص سڏيندا.
8 جيڪو هميشہ بڇڙائيءَ واريون رٿون پيو رٿي، تنهن کي فسادي ماڻهو سڏيو ٿو وڃي.
۽ بادشاهہ سمعيءَ کي وڌيڪ هيترو بہ چيو تہ جنهن شرارت جي تنهنجي دل کي خبر آهي، ۽ جا تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪئي، سا تون ڄاڻين ٿو: تنهنڪري خداوند تنهنجي شرارت موٽائي تنهنجي سر تي وجهندو.
ڇالاءِ جو اُنهن تنهنجي برخلاف برائي جو ارادو ڪيو: ۽ تجويز رٿيائون جا اُهي پوري ڪري نہ سگهيا.
جي برائيءَ جي رٿ ڪن ٿا سي گمراهہ نہ آهن ڇا؟ پر رحم ۽ سچ انهن لاءِ هوندو جي چڱائيءَ جي رٿ ٿا ڪن.
ڇالاءِ جو هنن جي دل ظلم زبردستيءَ جي خيال ۾ ٿي رهي، ۽ هنن جا چپ نقصان جون ڳالهيون ٿا ڪن.
بي عقل جو خيال گناهہ آهي: ۽ ٺٺولي ڪندڙ مان ماڻهن کي نفرت ٿي اچي.
بيهودگي هنن جي دل ۾ آهي، هو هميشہ خراب رِٿون پيو ڪري؛ هو فتنو فساد پيو پوکي.
خراب خيالي رٿون رٿيندڙ دل، خرابيءَ ڏانهن تکا ڊوڙندڙ پير؛
اناڙيءَ جا هٿيار بہ بڇڙا آهن: هو بڇڙائيءَ جون رٿون ٿو رٿي، تہ جڏهن محتاج سچ ڳالهائي، تڏهن بہ ڪوڙين ڳالهين سان کيس برباد ڪري.
تو مان هڪڙو نڪتو آهي، جنهن خداوند جي برخلاف برو منصوبو ٻڌو آهي، ۽ شرارت جي رٿ ڪئي اٿس.
گلاخور، خدا جي نظر ۾ نفرتي، بي ادب، مغرور، ٻٽاڪي، خراب ڳالهيون بنائيندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان،