4 ۽ علم جي وسيلي هر طرح جي قيمتي ۽ وڻندڙ مال سان ڪوٺيون ڀربيون آهن؟
4 ڄاڻ جي وسيلي ئي هر طرح جي قيمتي ۽ خوبصورت شين سان گھر جون ڪوٺيون ڀري ٿيون سگھجن.
ڇالاءِ جو بني اسرائيل، ۽ بني لاوي اَن ۽ شراب، ۽ تيل جي کڻڻ واري قرباني ڪوٺين ۾ آڻيندا، جتي پاڪ مڪان جا باسڻ، ۽ خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، ۽ دربان، ۽ ڳائڻ وارا آهن: ۽ اسين پنهنجي خدا جو گهر ڇڏي نہ ڏينداسين.
هو ٽڪرن جي وچ مان نهرون وڍي ڪڍي ٿو؛ ۽ هن جي اک سڀ ڪا قيمتي شيءِ ڏسي ٿي.
سچي جي گهر ۾ گهڻو خزانو آهي: پر شرير جي پيدائش ۾ خرابي آهي.
سون آهي ۽ گهڻيون لعلون بہ: پر علم وارا چپ هڪڙو قيمتي جواهر آهن.
ڏاهي جي گهر ۾ قيمتي خزانو ۽ تيل آهي؛ پر بي عقل ماڻهو اُهو ڳهي ڇڏي ٿو.
ڏاهو ماڻهو مضبوط آهي؛ هائو، علم واري ماڻهوءَ جي طاقت وڌندي ٿي وڃي.
دولت ۽ عزت مون وٽ آهي، هائو بقا ڪندڙ دولت ۽ سچائي.
انهيءَ لاءِ تہ جيڪي مون سان محبت رکن ٿا تن کي مال ملڪيت ورثي ۾ ڏيان، ۽ انهن جا خزانا ڀريان.
هن چين تہ تنهنڪري هرڪو فقيهہ جو آسمان جي بادشاهت جو شاگرد ٿيو آهي، سو انهي گهر جي مالڪ وانگر آهي، جو پنهنجي خزاني مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.