Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 24:16 - Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو سچو ماڻهو ست ڀيرا ڪري ٿو ۽ وري اُٿي ٿو: پر شريرن کي آفت اونڌو ڪري ڪيرايو وجهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 توڙي جو ايماندار ماڻهو بار بار ڪِري پوي، تہ بہ هو وري اُٿي کڙو ٿيندو. مگر جڏهن بدڪار ماڻهن تي آفت اچيو ڪڙڪي، تڏهن اهي منهن ڀر وڃيو ڪرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 24:16
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو انهن انهيءَ رات بہ پنهنجي پيءُ کي مئي پياري، ۽ ننڍي اُٿي وڃي ساڻس گڏ سُتي؛ پر هن کي اهو سماءُ ڪونہ رهيو تہ هوءَ ڪڏهن سُتي ۽ ڪڏهن اٿي.


تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.


هو ڇهن مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ستن ۾ بہ ڪا خرابي توکي نقصان نہ رسائيندي.


راستباز جا ڏک گهڻا ئي آهن: پر خداوند هن کي انهن سڀني کان ڇڏائي ٿو.


بڇڙائي بدڪار کي قتل ڪندي: ۽ جن کي راستباز کان نفرت آهي سي ڏوهي ٺهرايا ويندا.


جيتوڻيڪ هو ڪري پوي تڏهن بہ هو اُتيئي پيو ڪين رهندو: ڇالاءِ جو خداوند هن کي هٿ ڏيئي سنڀالي وٺندو.


خدا بہ توکي هميشہ جي لاءِ برباد ڪندو، هو توکي جهلي تنهنجي تنبوءَ مان ڇڪي ڪڍندو، ۽ دنيا مان تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو.


هنن جي لچائي خود سندس مٿي تي اچي پوندي، ۽ هنن جو ظلم خود سندس ڪاپار تي ڪڙڪندو.


اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ.


شرير قاصد خرابيءَ ۾ ڦاسي پوي ٿو: پر ايماندار ايلچي تندرستي آڻيندڙ آهي.


بدي گنهگارن جي پٺيان پوي ٿي: پر سچن کي چڱو بدلو ملي ٿو.


شرير برائيءَ ڪرڻ سان هيٺ ڪيرايو وڃي ٿو: پر سچي کي پنهنجي مرڻ کان پوءِ بہ اميد رهي ٿي.


ڇالاءِ جو انهن جي آفت اوچتو اُٿندي؛ ۽ انهن ٻنهي جي ناس ٿيڻ جي ڪنهن کي خبر آهي؟


تنهن ڪري هن جي آفت اوچتي ايندي؛ اوچتو ئي اوچتو هو ڀڄي ڀري ويندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.


آءٌ هنن کي دشمنن جي اڳيان ائين پکيڙي ڇڏيندس جيئن اُڀرندي جي واءُ سان؛ آءٌ مصيبت جي ڏينهن هنن جي پٺ ڏسندس ۽ نہ هنن جو منهن.


انهي کان سواءِ تون هنن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ماڻهو ڪرندا ۽ وري نہ اُٿندا ڇا؟ ڪو ڦري ويندو ۽ وري نہ موٽندو ڇا؟


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ خرابي، بي مثل خرابي، ڏس اُها اچي ٿي.


اسرائيل جي ڪنواري ڪِري پيئي آهي؛ اُها وري نہ اُٿندي: اُها پنهنجي ملڪ ۾ اُڇلائي ويئي آهي؛ ڪوبہ هن کي اُٿارڻ وارو ڪونهي.


جيڪي سامريہ جي گناهہ جو قسم کڻن ٿا، ۽ چون ٿا تہ اي دان، تنهنجي جيئري خدا جو قسم آهي، ۽ بيرسبع جي واٽ جو قسم آهي؛ سي سڀ ڪِرندا ۽ وري ڪڏهن نہ اُٿندا.


پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا، تہ ڏسو، اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا: ۽ يقين ڄاڻجو، تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي جهليندو.


۽ اُنهي دم خدا جي ملائڪ اچي ماريس، ڇالاءِ جو هن خدا کي وڏائي نہ ڏني؛ ۽ ڪينئان پئجي ويس، ۽ مري ويو.


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


۽ دائود چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، تہ خداوند پاڻ انهي کي ماري وجهندو؛ يا هن جي مرڻ جو ڏينهن اچي پهچندو؛ يا هو جنگ تي نڪرندو، ۽ مارجي ويندو.


تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ