Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 24:12 - Sindhi Bible

12 جيڪڏهن تون چوندين تہ ڏس اسين هي نٿا ڄاڻون: تہ جيڪو دليون توري ٿو سو انهيءَ جو ويچار نہ ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو تنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو اهو نہ ڄاڻندو ڇا؟ ۽ اهو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪيتي موافق عيوضو نہ ڏيندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ائين نہ چئو تہ ”منهنجو انهيءَ سان ڪو واسطو نہ آهي.“ انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي ذهن کي پرکي ٿو. هو اسان مان هر هڪ تي نظر رکي ٿو، ۽ اسان جي خيالن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. خدا هر ڪنهن کي سندس عملن مطابق ئي بدلو ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 24:12
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي عمل موافق بدلو ٿو ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن جو نتيجو ٿو رسائي.


هو تنهنجي پير کي ترڪڻ نہ ڏيندو: جيڪو توکي سنڀالي ٿو سو جهوٽو بہ ڪين کائيندو.


خداوند توکي ايندي ۽ ويندي، هن مهل کان وٺي هميشہ تائين تنهنجي سنڀال ڪندو.


تو منهنجيءَ دل کي آزمايو آهي؛ ۽ رات جو مون تي نظر ڪئي اٿيئي؛ تو مون کي جاچيو آهي، پر مون ۾ ڪا خرابي ڪانہ ڏٺي اٿيئي؛ مون ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي واتان برائي نہ ٿئي.


تہ خدا انهيءَ جو حساب نہ وٺندو ڇا؟ ڇالاءِ جو هو دلين جا ڳجهہ ڄاڻي ٿو.


اي خداوند رحم بہ تنهنجي اختيار آهي: ڇالاءِ جو تون هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب بدلو ٿو ڏين.


هو اسان جي جان کي جيئرو ٿو رکي، ۽ اسان جي پيرن کي ترڪڻ نٿو ڏئي.


شل بڇڙن جي بڇڙائي بند ٿي وڃي، پر تون راستبازن کي قائم ڪر: ڇالاءِ جو سچو خدا دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهي.


جنهن ڪن جوڙيو آهي سو نہ ٻڌندو ڇا؟ جنهن اک جوڙي آهي سو ڪين ڏسندو ڇا؟


ماڻهو پنهنجي ڪلام جي وسيلي چڱائيءَ سان ڍءُ ڪندو: ۽ هن جي هٿن جو ڪيتو کيس ڏنو ويندو.


ماڻهوءَ جا سڀ رستا سندس نظر ۾ صاف آهن: پر خداوند روح کي توري ٿو.


ماڻهوءَ جو سڀڪو رستو پنهنجي نظر ۾ چڱو آهي: پر خداوند دلين کي توري ٿو.


ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جا رستا خداوند جي اکين اڳيان آهن، ۽ هو انهيءَ جون سڀ واٽون سڌيون ٿو ڪري.


شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.


جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ تون غريبن تي ظلم ٿيندو ڏسين، ۽ ڪنهن زبردست ماڻهوءَ کي انصاف ۽ عدالت کسي ويندو ڏسين، تہ انهي ڳالهہ تي عجب نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڪو مٿانهن کان مٿانهون ڏسي ٿو؛ ۽ انهن کان بہ ڪو مٿانهون آهي.


آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.


صلاح مصلحت ۾ وڏو ۽ ڪم ڪرڻ ۾ طاقت وارو: جنهن جون اکيون بني آدم جي سڀني رستن تي کليل آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ سڀ ڪنهن کي سندس رستن موجب ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏئي:


ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو بگاڙڻ، خداوند کي پسند نہ آهي.


پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي:


ڇالاءِ جو جڏهن ابن آدم پنهنجي پيءُ جي جلال ۾ پنهنجن ملائڪن سان گڏ ايندو، تڏهن هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


ڇو جو منجهس ئي اسين جيئون ۽ هلون چلون ٿا، ۽ اسان جي هستي بہ منجهس ئي آهي؛ جيئن تہ خود اوهانجن شاعرن مان بہ ڪن چيو آهي، تہ اسين انهي جو اولاد آهيون.


انهي ڏينهن لاءِ، جڏهن خدا منهنجي خوشخبريءَ موجب يسوع مسيح جي وسيلي ماڻهن جي پوشيدہ ڳالهين جو انصاف ڪندو.


اُهو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجن پنهنجن ڪمن موجب بدلو ڏيندو:


تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.


ڇالاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي؛ انهي لاءِ تہ هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


۽ جيئرو آهيان؛ آئون مُئو هوس، ۽ ڏس، آئون هميشہ تائين جيئرو رهندس، ۽ مون وٽ موت ۽ مُئلن جي عالم جون ڪنجيون آهن.


۽ ٿواتيرہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ خدا جو فرزند، جنهن جون اکيون باهہ جي شعلي جهڙيون آهن، ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو چوي ٿو تہ


۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.


ڏس، آئون جلد ٿو اچان؛ ۽ منهنجو اجر مون سان آهي، جو هر ڪنهن کي سندس ڪم موجب ڏيندس.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


ايتري گهڻي مغروريءَ سان وڌيڪ نہ ڳالهايو؛ پنهنجي وات مان گستاخي نڪرڻ نہ ڏيو: ڇالاءِ جو خداوند ئي علم جو خدا آهي، ۽ اُهو ئي عمل توريندڙ آهي.


خداوند ماري ٿو ۽ جياري ٿو: اهو قبر ۾ لاهي ٿو ۽ انهيءَ مان ڪڍي ٿو.


۽ جيتوڻيڪ ڪو شخص اُتي تنهنجي پٺيان کڻي پوي، ۽ تنهنجي ساهہ جو ڳولائو ٿئي، تہ بہ منهنجي ڌڻيءَ جو روح خداوند تنهنجي خدا سان حياتيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌل رهندو؛ ۽ تنهنجن دشمنن جا روح پري اُڇلايا ويندا، ڄڻ تہ کانڀاڻيءَ جي پيچ مان اُڇلايا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ