10 جيڪڏهن تون مصيبت جي ڏينهن بي حواس ٿي ويندين، تہ تنهنجو زور ٿورو آهي.
10 اهو ماڻهو ڪمزور ليکيو وڃي ٿو، جيڪو مصيبت جي وقت ڪمزور ٿيو پوي.
پر هاڻي اهو حال توتي آيو آهي، ۽ تون ماندو ٿو ٿين؛ اهو توکي ڇهي ٿو، ۽ توکي تڪليف ٿي رسي.
۽ پنهنجي دل نہ هاريو، نڪي جيڪا افواہ انهيءَ زمين ۾ ٻڌجي، تنهن کان ڊڄو؛ ڇالاءِ جو هڪڙي سال ۾ افواہ ايندي، ۽ انهي کان پوءِ ٻئي سال ۾ ٻي افواہ ايندي، ۽ ملڪ ۾ ظلم زبردستي ۽ حاڪم تي حاڪم ايندو.
ڇالاءِ جو هن جا شاگرد شهر مان کاڌو ڳنهڻ ويا هئا.
سو جنهن صورت ۾ اسان کي هيءَ خدمت خدا جي رحمت سان ملي آهي، تنهن صورت ۾ اسين همت نٿا هاريون.
تنهنڪري آئون عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو، تن جي ڪري همت نہ هاريو، جو اهي اوهان جي لاءِ عزت جو سبب آهن.
۽ عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون، تہ جيڪو ماڻهو ڊڄڻو يا ناهمت هجي، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان سندس ڀائر بہ انهي وانگر ناهمت ٿي پون.
مون کي خبر آهي تہ تون ڪٿي ٿو رهين، يعني اُتي جتي شيطان جو تخت آهي: ۽ تون منهنجي نالي تي قائم آهين، ۽ جن ڏينهن ۾ منهنجو ايماندار شاهد انتيپاس اوهان منجهہ قتل ڪيو ويو، جتي شيطان ٿو رهي، تن ڏينهن ۾ بہ اوهان منهنجي ايمان جو انڪار نہ ڪيو.
۽ تون تحمل وارو آهين، ۽ منهنجي نالي سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿَڪين.
۽ دائود پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي هڪڙي ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس: منهنجي لاءِ انهي کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ڀڄي فلستين جي ملڪ ۾ وڃان؛ ۽ سائول مون کان نااُميد ٿي وري مون کي اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ نہ ڳوليندو: انهيءَ طرح آءٌ سندس هٿان ڇٽي پوندس.