1 خراب ماڻهن تي ريس نہ ڪر؛ نڪي هنن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪر:
1 اوهين بدڪار ماڻهن تي ريس نہ ڪريو، نڪي انهن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪريو.
مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جو بڇڙن جي صلاح تي نٿو هلي، ۽ گنهگارن جي رستي تي نٿو بيهي، ۽ گلا خورن جي محفل ۾ نٿو ويهي.
منهنجي جان کي گنهگارن سان شامل نہ ڪر، نڪي منهنجي زندگيءَ کي خوني ماڻهن سان گڏ ڪر:
بدڪارن جي ڪري تون پاڻ کي خفي نہ ڪر، نڪي بڇڙائي ڪندڙ سان ريس ڪر.
خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر.
ڇو تہ جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن مغرورن تي مون کي ريس آئي.
ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.
پنهنجي دل کي گنهگارن تي ريس ڪرڻ نہ ڏي: پر تون سڄو ڏينهن خداوند جي خوف ۾ رهہ:
بدي ڪندڙن جي ڪري ڪُرڪندو نہ وت؛ نڪي شريرن تي حسد ڪر.
ظلم ڪندڙ ماڻهوءَ تي ريس نہ ڪر، ۽ هن جو ڪوبہ رستو پسند نہ ڪر.
شريرن جي رستي ۾ نہ گِهڙ، ۽ خراب ماڻهن جي واٽ تي نہ هل.
انهيءَ کان گوشو ڪر، انهيءَ وٽان لنگهہ ئي نہ؛ انهيءَ کان ڦري اڳتي لنگهي وڃ.