Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 22:9 - Sindhi Bible

9 جنهن جي اک سخا واري آهي سو برڪت وارو ٿيندو: ڇالاءِ جو هو پنهنجي مانيءَ مان غريبن کي ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪو سخي آهي ۽ پنهنجي کاڌي مان غريبن کي ڏئي ٿو، تنهن کي خداوند برڪت عطا ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 22:9
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو.


رحم وارو ماڻهو خود پنهنجي جان سان ڀلائي ڪري ٿو: پر جيڪو ظالم آهي سو پنهنجي جسم کي تڪليف ۾ وجهي ٿو.


سخي دل وارو ٿلهو متارو ڪيو ويندو: ۽ جيڪو ٻئي کي پاڻي ڏئي ٿو تنهن کي پنهنجي لاءِ بہ پاڻي ڏنو ويندو.


جيڪو ڪوشش ڪري نيڪي ڳولي ٿو سو مقبوليت ٿو ڳولي: پر جيڪو ڪنهن خرابيءَ جي ڳولا ۾ آهي، تنهن تي اُها پوندي.


جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌڪاري ٿو سو گناهہ ڪري ٿو: پر جيڪو غريبن تي رحم ٿو ڪري سو سڀاڳو آهي.


جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.


جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو پاڻ بہ دانهون ڪندو پر ٻڌندس ڪوبہ ڪونہ.


جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي ڦري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ اهو ڪو ڏوهہ ناهي، سو هڪڙي ناس ڪندڙ ماڻهو جو سنگتي آهي.


جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي تنهن کي ڪمي نہ ٿيندي، پر جيڪو پنهنجون اکيون لڪائي ٿو تنهن تي گهڻي لعنت پوندي.


هوءَ پنهنجو هٿ غريبن ڏي ڊگهيري ٿي: هائو هوءَ پنهنجا هٿ اڳي ڪري محتاجن کي ڏئي ٿي.


پر سخي سخاوت جون رٿون ٿو رٿي؛ ۽ هو سخاوت جا ڪم ڪندو رهندو.


مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟


چوريون، خون، زناڪاريون، لالچون، بڇڙايون، ٺڳي، شهوت پرستي، بدنظري، گلاخوري، مغروري، بيوَقوفي:


پر جڏهن تون ماني ڪرين، تڏهن غريبن، ۽ ٽُنڊن، ۽ منڊن ۽ انڌن کي سڏج:


سڀني ڳالهين بابت مون اوهان کي نمونو ڏيئي ڏيکاريو تہ ڪهڙيءَ طرح محنت ڪري، جيڪي ضعيف آهن تن جي مدد ڪرڻ گهُرجي ۽ خداوند يسوع جو ڪلام ياد رکڻ گهُرجي، جنهن پاڻ چيو، تہ ”وٺڻ کان ڏيڻ مبارڪ آهي.“


۽ جيڪا زال اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندي، جا پنهنجيءَ نرميءَ ۽ نزاڪت جي ڪري، پنهنجي پير جي تري بہ پٽ تي رکڻ جي همت نہ ڪندي هوندي، تنهن جي بہ پنهنجي دل گهرئي مڙس ڏانهن، ۽ پنهنجي پٽ ڏانهن، ۽ پنهنجي ڌيءَ ڏانهن خراب نيت ٿيندي،


پر نيڪي ڪرڻ ۽ خيرات ڏيڻ متان وساريو: ڇالاءِ جو اهڙين قربانين ڪري خدا خوش ٿو ٿئي.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


ڪُرڪڻ کانسواءِ هڪٻئي جي مهمان نوازي ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ