8 جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو: ۽ هن جي ڪاوڙ جي لٺ نڪمي ٿيندي.
8 جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو، ۽ سندس قهر واري لٺ ٽوڙي ويندي.
جيئن مون ڏٺو آهي، تيئن جيڪي ظلم ٿا کيڙين، ۽ فساد ٿا پوکين، سي لڻن بہ اهو ئي ٿا.
ڇو جو بدڪاريءَ جو عصو راستبازن جي ميراث تي رهي ڪين سگهندو؛ متان راستباز پنهنجا هٿ بڇڙائيءَ ڏانهن وڌائين.
تنهن ڪري هو خود پنهنجي راهہ جو ڦل ڀوڳيندا، ۽ پنهنجين تجويزن سان ڍءُ ڪندا.
بي عقلن جي وات ۾ مغروريءَ جي لٺ آهي: پر ڏاهن جا چپ انهن کي بچائين ٿا.
ڇالاءِ جو اڃا بہ ٿوري وقت کان پوءِ منهنجي ڪاوڙ ۽ چڙ پوري ٿيندي، ۽ هو ناس ڪيا ويندا.
اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،
اي فلستين تون سڄي ساري انهيءَ ڪري خوشي نہ ڪر، تہ جنهن لٺ توکي ڌڪ هنيو هو، سا ڀڄي پيئي آهي: ڇالاءِ جو نانگ جي نسل مان هڪڙو سپ نڪرندو، جنهن مان هڪڙو باهہ ڪڍندڙ اُڏامندڙ ازدها پيدا ٿيندو.
ڇالاءِ جو خداوند جي آواز جي ڪري اسور ڀڄي پرزا پرزا ٿيندو، هو انهي کي لٺ سان ماريندو.
ڇالاءِ جو تو مديان جي ڏينهن ۾، هن جي بار جي پاڃاري، ۽ هن جي ڪلهن جي لٺ، ۽ هن تي ظلم ڪندڙ جو لڪڻ ڀڃي ڇڏيو آهي.
اوهان شرارت جا هر ڏنا آهن، ۽ بدڪاري لڻي اٿوَ؛ اوهان ڪوڙ جو ڦر کاڌو آهي، ڇالاءِ جو توکي پنهنجي رستي تي، ۽ پنهنجن زور وارن ماڻهن جي گهڻائي تي ڀروسو هو.
ڇالاءِ جو هو واءُ پوکين ٿا ۽ واچوڙو لڻندا: هن وٽ ڪو بيٺل اَن ڪونهي؛ سٽن مان کاڌو پيدا نہ ٿيندو؛ جي کڻي ٿيندو تہ بہ ڌاريا اُهو ڳهي ويندا.