4 نماڻائيءَ جو انعام ۽ خداوند جو خوف دولت ۽ عزت ۽ حياتي آهي.
4 نماڻائيءَ ۽ خداوند جي فرمانبرداريءَ جو اجر دولت، عزت ۽ ڊگھي ڄمار آهي.
خداوند جو خوف حياتيءَ جو سبب آهي: ۽ جنهن کي اُهو آهي سو هميشہ راضي رهندو؛ انهيءَ کي ڪابہ خرابي ڪانہ رسندي.
ڏاهي جي گهر ۾ قيمتي خزانو ۽ تيل آهي؛ پر بي عقل ماڻهو اُهو ڳهي ڇڏي ٿو.
جيڪو سچائي ۽ رحم جي پٺيان هلي ٿو، سو حياتي، سچائي ۽ عزت لهي ٿو.
سياڻو ماڻهو بڇڙائي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي لڪائي ٿو، پر ڀورڙا ماڻهو لنگهيو اڳتي وڃن ۽ انهيءَ ڪري نقصان سهن ٿا.
بيهودي ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪنڊا ۽ ڦندا آهن: جيڪو پنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو ان کان پري رهندو.
ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ هن کي نيچو ڪندي: پر جيڪو نماڻي طبيعت جو آهي، سو عزت حاصل ڪندو.
عمر جي درازي اُن جي سڄي هٿ ۾ آهي، ۽ دولت ۽ عزت اُن جي کٻي هٿ ۾ آهي.
سونهن ٺڳيندڙ آهي ۽ خوبصورتي اجائي آهي؛ پر جيڪا زال خداوند کان ڊڄي ٿي سا ساراهي ويندي.
تنهنجي زماني ۾ پائيداري ٿيندي، نجات، دانائي ۽ علم ججهو ٿيندو: خداوند جو خوف هن جو خزانو آهي.
ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.
انهي ساڳي وقت منهنجي سمجهہ مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ پنهنجي بادشاهت جي شان ۽ شوڪت لاءِ، منهنجي وڏائي ۽ رونق مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ منهنجا مشير ۽ امير مون وٽ صلاح لاءِ آيا؛ ۽ آءٌ بادشاهت تي قائم ڪيو ويس، ۽ منهنجي لاءِ وڌيڪ گهڻي وڏائي ٿي.
پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.
ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.
خداوند جي حضور ۾ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.
پر هو زيادہ فضل ٿو ڏئي، تنهنڪري هو فرمائي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“