Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 22:3 - Sindhi Bible

3 سياڻو ماڻهو بڇڙائي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي لڪائي ٿو، پر ڀورڙا ماڻهو لنگهيو اڳتي وڃن ۽ انهيءَ ڪري نقصان سهن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌو اوڏانهن وڌيو وڃي، ۽ پوءِ مصيبت ۾ ڦاسيو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 22:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڀورڙا، ڪيستائين اوهين ڀورڙائيءَ کي پيار ڪندا؟ ۽ ڪيستائين ٺٺولي ڪندڙن کي ٺٺولي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ٿيندي، ۽ بي عقل علم کي ڌڪاريندا؟


ڏاهو ماڻهو ڊڄي ٿو، ۽ بديءَ کان پري ڀڄي ٿو: پر بي عقل بي حيا ٿي هلي ٿو، ۽ يقين وارو ڏسجي ٿو.


نماڻائيءَ جو انعام ۽ خداوند جو خوف دولت ۽ عزت ۽ حياتي آهي.


سياڻو ماڻهو خرابي ڏسي پاڻ کي لڪائي ٿو، پر ڀورڙا لنگهيو اڳتي وڃن ۽ نقصان ٿا سهن.


جيڪو گهڻي ملامت کان پوءِ بہ پنهنجي گردن سخت ڪري ٿو، سو اوچتو برباد ٿيندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.


۽ مون ڀورڙن ماڻهن منجهہ ڏٺو ۽ جوانن منجهہ بہ ڏٺم، ۽ هڪڙو بي سمجهہ جوان سهي ڪيم،


ايمان ئي جي ڪري جيڪي ڳالهيون اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، تن جي نسبت ۾ خدا نوح کي خبردار ڪيو، ۽ هن خدا جي خوف کان پنهنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار ڪئي؛ ۽ ائين ڪرڻ سان هن جهان کي ڏوهاري ٺهرايو، ۽ پاڻ انهيءَ راستبازيءَ جو وارث ٿيو جا ايمان جي ڪري آهي.


تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ