2 شاهوڪار ۽ غريب پاڻ ۾ گڏبا آهن: خداوند انهن سڀني جو خالق آهي.
2 شاهوڪار توڙي غريب ٻيئي هڪجهڙا انسان آهن، انهن ٻنهي جو خالق خداوند آهي.
جنهن مون کي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، تنهن هن کي نہ جوڙيو ڇا؟ ۽ هڪڙي ئي سڀني کي ماءُ جي پيٽ ۾ نہ بنايو ڇا؟
تڏهن ڪيترو نہ گهٽ انهيءَ کي ائين چوڻ مناسب آهي، جو نہ شهزادن جي پاسداري ٿو ڪري، ۽ نہ دنيادارن کي غريبن کان زيادہ مان ٿو ڏئي؟ ڇالاءِ جو اُهي سڀ سندس هٿن جا جڙيل آهن.
جيڪو غريبن تي ظلم ٿو ڪري سو پنهنجي خالق کي ملامت ٿو ڪري؛ پر جيڪو محتاجن تي رحم ٿو ڪري سو انهيءَ کي عزت ٿو ڏئي.
غريب ماڻهو ۽ ظالم ٻئي گڏجن ٿا، خداوند انهن ٻنهي جون اکيون روشن ڪري ٿو.
۽ اک هٿ کي چئي نٿي سگهي تہ مون کي تنهنجي گهُرج ڪانهي يا وري مٿو پيرن کي چئي نٿو سگهي تہ مون کي اوهان جي گهُرج ڪانهي.
خداوند مسڪين ڪري ٿو ۽ دولتمند ڪري ٿو، هو هيٺ لاهي ٿو ۽ هو مٿي بہ چاڙهي ٿو.