Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 22:11 - Sindhi Bible

11 جيڪو دل جي صفائي پسند ٿو ڪري، تنهن جي چپن جي سونهن ڪري بادشاهہ سندس دوست ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جنهن جي دل پاڪ صاف آهي ۽ نماڻائيءَ سان ڳالهائي ٿو، سو بادشاهہ کي پسند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 22:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ عزرياہ بن ناتن عملدارن جي مٿان هو؛ ۽ زبود بن ناتن ڪاهن هو ۽ بادشاهہ جو دوست هو؛


ڇالاءِ جو مردڪئي يهودي، بادشاهہ اخسويرس کانپوءِ، ٻئي درجي جو هو، ۽ يهودين ۾ وڏو هو، ۽ پنهنجن سڀني ڀائرن وٽ قبول پيو هو؛ ۽ پنهنجي قوم جو ڀلو گهرندڙ هو، ۽ پنهنجي سڄي نسل سان سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو هو.


ملڪ جي ايماندارن تي منهنجي نگاهہ رهندي، تہ اهي مون سان گڏ رهن: جيڪو سنئين واٽ تي ٿو هلي سو ئي منهنجي خدمت ڪندو.


اهو ئي جنهن جا هٿ صاف آهن، ۽ جنهن جي دل پاڪ آهي؛ جنهن پنهنجي دل اجاين ڳالهين ۾ نہ لڳائي آهي، ۽ جنهن ڪوڙو قسم نہ کنيو آهي.


بني آدم ۾ تون سڀ کان سهڻو آهين؛ تنهنجا چپ فضل سان ڀرپور آهن: تنهن ڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برڪت ڏني آهي.


بادشاهہ انهيءَ نوڪر تي مهربان ٿو رهي جو ڏاهپ سان هلي ٿو: پر اُن جي ڪاوڙ انهيءَ تي ٿي رهي جو شرم جهڙا ڪم ڪري ٿو.


سچا چپ بادشاهن جي خوشي آهن: ۽ جيڪو سچ ڳالهائيندو آهي تنهن کي هو پيار ڪندا آهن.


خداوند جون اکيون علم واري کي بچائين ٿيون، پر هو دغاباز ماڻهوءَ جي ڳالهين کي اونڌو ڪيو ڇڏي.


ڏاهي ماڻهوءَ جي وات جون ڳالهيون وڻڻ جهڙيون آهن؛ پر بي عقل جا چپ خود کيس بہ ڳهي ويندا.


تڏهن بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي پرڳڻي ۾ وڌيڪ درجي وارو ڪيو.


مبارڪ آهن اُهي جي دل جا پاڪ آهن، ڇالاءِ جو اُهي خدا کي ڏسندا.


۽ سڀني سندس لاءِ شاهدي ڀري، ۽ جيڪي فضل ڀريون ڳالهيون سندس واتان نڪتيون، سي ٻڌي عجب کاڌائون ۽ چوڻ لڳا تہ هي يوسف جو پٽ نہ آهي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ