Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 21:6 - Sindhi Bible

6 ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان جي وسيلي خزانا هٿ ڪرڻ اُها ٻاڦ آهي، جا هيڏي هوڏي اُڏامي ٿي، جيڪي انهن کي ڳولين ٿا سي موت کي ڳولين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ٺڳيءَ وسيلي حاصل ڪيل دولت ٻاڦ مثل آهي، جيڪا جلد گم ٿيو وڃي. جيڪي اهڙي دولت جي ڳولا ٿا ڪن، سي موت جي ڳولا ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 21:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شرارت جا خزانا ڪوبہ فائدو نٿا رسائين؛ پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.


اجائي هلت سان حاصل ڪيل دولت گهٽجي ويندي: پر جيڪو پورهيو ڪري اُها گڏ ڪري ٿو تنهنجي وڌندي ويندي.


خريد ڪندڙ چوي ٿو تہ اهو ڪم جو نہ آهي؛ پر جڏهن هو هليو وڃي ٿو تڏهن ٻٽاڪ هڻي ٿو.


ميراث تڪڙ سان شروعات ۾ هٿ ڪري ٿي سگهجي؛ مگر ان جي پڇاڙي برڪت واري نٿي ٿئي.


جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو: ۽ هن جي ڪاوڙ جي لٺ نڪمي ٿيندي.


بيهودگي ۽ ڪوڙ مون کان پاسي ڪر، نہ مون کي ڪنگالپڻ ڏي نہ دولت، مون کي اهو کاڌو کاراءِ جو منهنجي لاءِ ضروري آهي.


پر جيڪو منهنجي برخلاف گناهہ ڪري ٿو سو پنهنجي روح تي ظلم ٿو ڪري: جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا سي سڀ موت کي پيار ٿا ڪن.


جيئن تتر انهن ٻچن کي گڏ ڪري جي پاڻ نہ ڏنا هجنس، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو ناحق دولت حاصل ٿو ڪري، هن جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اُها کيس ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هو بيوقوف ٿيندو.


جيڪي گناهہ جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن، تن سڀني کي پاڻ کان پري ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ نئين دل ۽ نئون روح پيدا ڪريو: اي اسرائيل جا گهراڻا ڇو اوهين مرڻ ٿا گهرو؟


جن جا وات بند ڪرڻ گهرجن؛ اهڙا ماڻهو جي ناجائز نفعي جي خاطر جيڪي ڳالهيون سيکارڻ نہ گهرجن سي سيکاري، گهرن جا گهر ڦٽائي ٿا ڇڏين.


۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ