تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.
بدن جو ڏيئو آهي تنهنجي اک: سو جي تنهنجي اک برابر هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن بہ روشنيءَ سان ڀريل هوندو، پر جي بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو بدن بہ اونداهيءَ سان ڀريل هوندو.
ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“