Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 21:2 - Sindhi Bible

2 ماڻهوءَ جو سڀڪو رستو پنهنجي نظر ۾ چڱو آهي: پر خداوند دلين کي توري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 انسان سمجھي ٿو تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪري ٿو، سو صحيح آهي. مگر ياد رکو، خداوند ارادن کي جاچي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 21:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

(ڀلي تہ مون کي پوريءَ ساهميءَ ۾ تورين، تہ خدا کي منهنجي سچائي معلوم ٿئي؛)


ڇالاءِ جو هو پنهنجيءَ دل ۾ ٻٽاڪ ٿو هڻي، تہ منهنجي بڇڙائي پڌري ڪانہ ٿيندي نڪي ڌڪاربي.


بي عقل جو رستو سندس نظر ۾ سنئون آهي: پر جيڪو ڏاهو آهي سو مصلحت ٻڌي ٿو.


ماڻهوءَ جا سڀ رستا سندس نظر ۾ صاف آهن: پر خداوند روح کي توري ٿو.


هڪڙو رستو آهي جو ماڻهوءَ کي سنئون ڏسڻ ۾ ٿو اچي، پر ان جي پڇاڙيءَ ۾ موت جا رستا آهن.


صاف ڪرڻ جو بوتو چانديءَ لاءِ آهي ۽ کورو سون جي لاءِ آهي: پر خداوند دلين جو پرکڻ وارو آهي.


گهڻو ڪري هرڪو ماڻهو پنهنجي مهربانيءَ جي خبر ڏيندو: پر وفادار ماڻهو ڪير لهي سگهندو؟


جيڪڏهن تون چوندين تہ ڏس اسين هي نٿا ڄاڻون: تہ جيڪو دليون توري ٿو سو انهيءَ جو ويچار نہ ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو تنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو اهو نہ ڄاڻندو ڇا؟ ۽ اهو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪيتي موافق عيوضو نہ ڏيندو ڇا؟


ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي نظر ۾ پاڪ آهي، تڏهن بہ پنهنجي گندگي کان ڌوپي صاف نہ ٿي آهي.


آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.


تقيل؛ يعني تون ساهميءَ ۾ توريو ويو آهين، ۽ وزن ۾ گهٽ نڪتو آهين.


تن کي چيائين تہ اوهين اُنهن مان آهيو جي ماڻهن اڳيان پاڻ کي راستباز ٿا ٺهرائين، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي اڳيان ڪراهت جهڙو آهي.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪي ڪينهي، ۽ سمجهي ٿو تہ آئون بہ ڪي آهيان، تہ هو پاڻ کي ٺڳي ٿو.


پر ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو، نہ فقط ٻُڌندڙ، ۽ پاڻ کي نہ ٺڳيو.


۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ