Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 20:9 - Sindhi Bible

9 ڪير چئي سگهندو تہ مون پنهنجي دل پاڪ ڪئي آهي، ۽ آءٌ گناهہ کان پاڪ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اهو ڪير آهي جيڪو پنهنجو پاڻ چئي تہ ”مون پنهنجيءَ دل کي پاڪ صاف رکي پاڻ کي گناهن کان آجو ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 20:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن هو تنهنجو گناهہ ڪن، (ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو گناهہ نٿو ڪري) ۽ تون اُنهن تي ڪاوڙجين، ۽ اُنهن کي دشمنن جي حوالي ڪرين، جنهنڪري هو اُنهن کي قيد ڪري پري يا ويجهو دشمن جي ملڪ ۾ وٺي وڃن؛


جيڪڏهن هو تنهنجي برخلاف گناهہ ڪن (ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جو گناهہ نہ ٿو ڪري) ۽ تون انهن تي ڪاوڙجين، ۽ انهن کي دشمنن جي حوالي ڪرين ۽ هو انهن کي قيد ڪري ڪنهن ويجهي يا پرانهينءَ جاءِ ۾ وٺي وڃن؛


ناپاڪ شيءِ مان ڪير پاڪ شيءِ ڪڍي سگهندو؟ ڪوبہ نہ.


ماڻهو ڇا آهي جو پاڪ رهي سگهي؟ ۽ جيڪو زال جي پيٽ مان ڄاول آهي سو ڪو سچو ٿي سگهندو ڇا؟


تڏهن ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا وٽ سچو ٿي سگهندو؟ جيڪو ماءُ جي پيٽ مان ڄائو آهي سو ڪهڙيءَ طرح پاڪ ٿي سگهندو؟


ڏس بڇڙائيءَ ۾ مون کي صورت ملي، ۽ گناهہ ۾ آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي پيٽ ۾ ٿيس.


يقين آهي تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ سچو ماڻهو ڪونهي جو چڱا ڪم ڪري، ۽ گناهہ ڪونہ ڪري.


تڏهن ڇا ٿيو؟ اسان جي حالت کانئن بري آهي ڇا؟ اصل ئي نہ: ڇالاءِ جو اسان اڳي بہ ڏيکاريو آهي، تہ يهودي توڙي يوناني سڀيئي گناهہ ۾ ڦاٿل آهن،


ڇالاءِ جو آئون پنهنجي برخلاف ڪي بہ ڪين ٿو ڄاڻان، تڏهن بہ انهي ڪري آئون راستباز نٿو ٺهرجان. پر منهنجو جاچيندڙ خداوند آهي.


ڇالاءِ جو اسين سڀيئي گهڻين ڳالهين ۾ خطا پيا ڪريون. پر ڪامل انسان اُهو آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۾ خطا نٿو ڪري، جيڪو سڄي بدن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ