Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 20:6 - Sindhi Bible

6 گهڻو ڪري هرڪو ماڻهو پنهنجي مهربانيءَ جي خبر ڏيندو: پر وفادار ماڻهو ڪير لهي سگهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هر ڪو ماڻهو پاڻ کي سچار ۽ ايماندار پيو چوائي، پر جيڪي سچ پچ ايماندار آهن، تن کي ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 20:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، مدد ڪر، ڇو جو ڪوبہ ديندار ماڻهو ڪونہ رهيو آهي؛ بني آدم منجهان ايماندار ماڻهو گهٽجي ويا آهن.


انهن مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان اجايون ڳالهيون پيو ڪري، اهي منهن جا مٺا ٿي، دل ۾ ٻيائي رکي ٿا ڳالهائين.


ماڻهوءَ جي دل ۾ صلاح مصلحت اونهي پاڻيءَ وانگر آهي؛ پر سمجهو ماڻهو اُها ڇڪي ڪڍي ٿو.


جيئن ڪڪر ۽ واءُ مينهن کان سواءِ، تيئن اُهو ماڻهو جو پنهنجن بخششن جي ڪوڙي ٻٽاڪ ٿو هڻي.


ڀلي تہ ڪو ٻيو تنهنجي تعريف ڪري ۽ نہ خود تنهنجو وات، ڪو ڌاريو ڪري ۽ نہ خود تنهنجا چپ.


۽ انهي کي منهنجو روح اڃا پيو ڳولي، پر اهو اڃا نہ لڌو اٿم: هزار ۾ هڪڙو ماڻهو لڌو اٿم، پر انهن سڀني ۾ هڪڙي زال نہ لڌي اٿم.


اوهين يروشلم جي گهٽين مان هيڏي هوڏي ڊوڙو، ۽ هاڻي ڏسو ۽ ڄاڻو، ۽ ان جي چونڪن ۾ ڳوليو، تہ ڪو ماڻهو لهو ٿا، ڪو اهڙو ماڻهو آهي يا نہ جو انصاف جا ڪم ٿو ڪري، ۽ جو سچ کي ڳولي ٿو؛ پوءِ آءٌ يروشلم کي معاف ڪندس.


مون تي افسوس! ڇالاءِ جو منهنجو حال اهڙو آهي جهڙو گرميءَ جي ميوي گڏ ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي: ڪوبہ ڇڳو کائڻ لاءِ ڪونهي؛ منهنجي روح کي پهرئين پڪل انجير جي خواهش آهي.


ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي.


تنهنڪري جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن پنهنجي اڳيان توتاري نہ وڄاءِ، جهڙيءَ طرح ڪ رياڪار ماڻهو عبادتگاهن ۽ گهٽين ۾ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو سندن تعريف ڪن. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.


پطرس چيو تہ ڏس، اسين پنهنجو گهر ٻار ڇڏي تنهنجي پٺيان آيا آهيون.


آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. تہ بہ جڏهن ابن آدم ايندو، تڏهن زمين تي ايمان ڏسندو ڇا؟


تنهن تي هن چيس، تہ اي خداوند، آئون توسان قيدخاني ۾، بلڪ موت تائين هلڻ لاءِ تيار آهيان.


يسوع نتن ايل کي پاڻ وٽ ايندو ڏسي سندس نالي چيو تہ ڏسو، سچو اسرائيلي، جنهن ۾ ڪابہ ڏائي ڏنگي ڪانهي!


آئون بيوقوف تہ برابر ٿيو آهيان، مگر اوهان ئي مون کي لاچار ڪيو؛ ڇالاءِ جو اوهان کي منهنجي تعريف ڪرڻ کپندي هئي: انهي لاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون ڪي ڪين آهيان تہ بہ افضل رسولن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ