Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 20:3 - Sindhi Bible

3 جهيڙي کان پري رهڻ ماڻهوءَ جي لاءِ عزت آهي: پر سڀڪو بيوقوف جهڙا ڪندو رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪي جھيڙي کان پري ٿا رهن، سي ئي شريف ماڻهو سمجھيا ٿا وڃن. رڳو بي‌وقوف ماڻهو ئي جھڳڙو ڪرڻ جا عادي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 20:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. انهيءَ وقت ملڪ ۾ ڪنعاني ۽ فرزي رهندا هئا.


تڏهن ابرام لوط کي چيو تہ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، توڙي منهنجن ڌنارن ۽ تنهنجن ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ نہ گهرجي؛ ڇالاءِ جو پاڻ ڀائر آهيون.


۽ يهوآس اسرائيل جي بادشاهہ، امصياہ يهوداہ جي بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو، تہ لبنان جي ڪانڊيري لبنان جي ديودار ڏانهن چوائي موڪليو تہ پنهنجي ڌيءَ منهنجي پٽ کي پرڻائي ڏي: ۽ لبنان جو هڪڙو جهنگلي مرون اُتان اچي لنگهيو ۽ ڪانڊيري کي لتاڙي هليو ويو.


جيڪو جلد ڪاوڙجي ٿو سو بي عقليءَ جي هلت ڪري ٿو: ۽ خراب رٿن ڪرڻ وارو ماڻهو ڌڪارڻ ۾ اچي ٿو.


جيڪو دير سان ٿو چڙي سو وڏيءَ سمجهہ وارو آهي: جيڪو تڪڙي طبيعت وارو آهي سو بي عقليءَ جو درجو وڌائي ٿو.


جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو زور واري ماڻهوءَ کان بهتر آهي؛ ۽ جيڪو پنهنجي کي روح قبضي ۾ رکي ٿو سو انهيءَ کان بهتر آهي جو شهر ٿو وٺي.


جهيڙي جو شروع ٿيڻ اهڙو آهي جهڙو پاڻي ڇوڙي ڇڏڻ: تنهن ڪري جهيڙو ٿئي تنهن کان اڳي تڪرار ڇڏي ڏي.


بي عقل جا چپ جهيڙي ۾ گهڙن ٿا، ۽ ان جو وات چهبڪ گهريو وٺي.


ماڻهوءَ جي سياڻپ هن کي ڪاوڙجڻ ۾ ڍرو ٿي ڪري؛ چُڪ تي گذر ڪرڻ کي هو پنهنجو فخر ٿو سمجهي.


مغرور ۽ هٺيلي ماڻهوءَ جو نالو ٺٺولي ڪندڙ آهي، اهو مغروريءَ جي بي حيائيءَ سان ڪم ڪري ٿو.


جيڪو راهہ لنگهندي جنهن جهيڙي سان سندس ڪوبہ واسطو ڪونهي تنهن سان پاڻ کي هلاڪ ٿو ڪري، سو اُنهيءَ ماڻهو جهڙو آهي جو ڪتي کي ڪنن کان ٿو وٺي.


۽ اوهين هڪ ٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو، ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح ۾ اوهان کي معاف ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ ٻئي کي معاف ڪندا رهو.


پر جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ سخت حسد ۽ نفاق آهي تہ فخر نہ ڪريو، نڪي سچ جي برخلاف ڪوڙ ڳالهايو.


اوهان ۾ جنگيون، جهيڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا انهن خواهشن مان نٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ پيون جنگ ڪن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ