Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 20:18 - Sindhi Bible

18 سڀڪو ڪم صلاح مصلحت سان قائم ٿئي ٿو: ۽ تون سياڻي صلاح وٺي پوءِ جنگ ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ڪنهن بہ ڪم جي ڪاميابيءَ جو دارومدار بهتر صلاح مشوري تي آهي، خاص طور جنگ ۾ ائين ڪرڻ ضروري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 20:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ڏاهپ واري هدايت سان تون پنهنجي جنگ ڪندين: ۽ گهڻن جي صلاح مصلحت جي ڪري سلامتي آهي.


يا اُهو ڪهڙو بادشاهہ آهي جو جيڪڏهن ٻئي بادشاهہ سان جنگ ۾ مقابلو ڪرڻ وڃي، تہ پهريائين ويهي صلاح مصلحت نہ ڪري، تہ هو جو ويهن هزارن سان مون تي چڙهائي ڪري ٿو اچي، تنهن جي سامهون آئون پنهنجن ڏهن هزارن سان بيهي سگهندس يا نہ؟


جتي ڪا صلاح مصلحت ڪانهي، اتي سڀ ارادا پريشان ٿيو وڃن: پر صلاح ڏيندڙن جي گهڻائيءَ ڪري اُهي قائم ٿا رهن.


جتي ڪا ڏاهپ جهڙي هدايت ڪانهي اتي خلق کي ڌڪو ٿو اچي: پر گهڻن صلاح مصلحت ڪندڙن ڪري سلامتي آهي.


۽ بني اسرائيل اُٿيا ۽ بيت ايل ڏانهن ويا، ۽ خدا جي صلاح پڇيائون؛ ۽ هنن چيو تہ بني بنيمين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهرين ڪير ڪاهي وڃي؟ ۽ خداوند چيو تہ يهوداہ پهرين وڃي.


اي اسرائيليو ڏسو، اوهين سڀ هتي پنهنجي صلاح، ۽ فيصلو ڏيو.


تڪڙ ڪري وڙهڻ لاءِ نہ وڃ، متان جڏهن تنهنجو پاڙيسري توکي شرمندو ڪري، تڏهن توکي خبر نہ پوي تہ پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڪجي.


اهي ماڻهو منهنجي هٿ هيٺ هجن تہ ڪهڙو نہ چڱو! پوءِ جيڪر آءٌ ابيملڪ کي ڪڍي ڇڏيان ها، ۽ هن ابيملڪ کي چيو تہ پنهنجو لشڪر وڌاءِ، ۽ پوءِ نڪري ٻاهر ٿيءُ.


(۽ بني اسرائيل وڃي شام تائين خداوند جي اڳيان رنو؛ ۽ هنن خداوند کان پڇيو ۽ چيائون تہ اسين پنهنجن ڀائرن بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري کين ويجها وڃون يا نہ؟ ۽ خداوند چيو تہ ڀلي هنن تي ڪاهي وڃو).


۽ هيئن ٿيو تہ جن انهي کي ٿي ڏٺو، تن سڀني ٿي چيو تہ جنهن ڏينهن کان بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، اهڙو ڪم نہ ڪيو ويو نہ ڏٺو ويو آهي: ويچار ڪريو ۽ انهيءَ بابت صلاح مشورو ڪريو، ۽ ٻڌايو.


تنهنڪري آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اچ تہ توکي صلاح ڏيان تہ تون پنهنجي، ۽ پنهنجي پٽ سليمان جي بہ حياتي بچائين.


تون چوين تہ ٿو، مگر اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن تہ جنگ جي لاءِ مصلحت ۽ زور آهي. هاڻي تنهنجو ڪنهن تي ڀروسو آهي جو تون مون کان باغي ٿيو آهين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ