7 هو سچن جي لاءِ پوري ڏاهپ رکي ڇڏي ٿو، ۽ انهن جي سپر آهي، جي سچائيءَ تي هلن ٿا؛
7 جيڪي سچار ۽ شريف آهن، تن جو خدا مددگار ۽ محافظ آهي.
۽ مغرور جانور انهيءَ تي نٿا هلن، نہ شوخ شينهن انهيءَ پاسي کان لنگهيو آهي.
هو مون تي ٻاجهہ ڪندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي، هو منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي: هو منهنجي ڍال آهي، انهي تي ئي منهنجو ڀروسو آهي؛ هو منهنجن ماڻهن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.
مون خداوند کي پڪاريو، ۽ هن پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي جواب ڏنو.
ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.
سياڻي ماڻهوءَ جي ڏاهپ اها آهي تہ پنهنجو رستو سمجهي: پر بي عقلن جي بي عقلي ٺڳي آهي.
جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو ڇڏايو ويندو، پر جيڪو ڏنگن رستن تي هلي ٿو سو هڪدم ڪري پوندو.
خدا جو هر هڪ لفظ آزمايل آهي، جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي لاءِ هو ڍال آهي.
مصلحت ۽ پوري ڄاڻپ منهنجي آهي؛ آءٌ سمجهہ آهيان؛ مون کي طاقت آهي.
ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”آئون ڏاهن جي ڏاهپ چٽ ڪندس، ۽ سياڻن جي سياڻپ رد ڪندس.“
پر يهودي توڙي يوناني، جي سڏيا ويا آهن، تن جي لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي.
اُهو ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ اصل آهي، جنهن کي خدا اسان جي لاءِ دانائي بنايو، يعني اسان جي راستبازي، ۽ پاڪيزگي، ۽ نجات.
جنهن ۾ سياڻپ ۽ علم جا سڀ خزانا پوشيدہ آهن.