Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 2:5 - Sindhi Bible

5 تہ پوءِ تون خدا جو خوف سمجهندين، ۽ خدا جي سياڻپ حاصل ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو، تہ پوءِ اوهين ڄاڻي سگھندا تہ خدا جو خوف رکڻ جو ڇا مطلب آهي، تڏهن اوهين خدا کي سڃاڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 2:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن انسان کي چيو، ڏس خدا جو خوف، اها ئي حڪمت آهي؛ ۽ برائيءَ کان پري رهڻ دانائي آهي.


خداوند جو خوف علم جو منڍ آهي: پر بي عقل، ڏاهپ ۽ تعليم کي ڌڪارين ٿا.


جيڪو شريعت جي سنڀال رکي ٿو سو ڏاهو پٽ آهي، پر جيڪو پيٽورن جو سنگتي آهي سو پنهنجي پيءُ کي شرمندو ڪري ٿو.


جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.


خداوند جو خوف ڏاهپ جو منڍ آهي، ۽ پاڪ خدا جي سياڻپ سمجهہ آهي.


تنهنجي زماني ۾ پائيداري ٿيندي، نجات، دانائي ۽ علم ججهو ٿيندو: خداوند جو خوف هن جو خزانو آهي.


۽ آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جنهن سان هو مون کي سڃاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ سندن خدا ٿيندس: ڇالاءِ جو هو پنهنجي سڄيءَ ساريءَ دل سان مون ڏي موٽي ايندا.


۽ هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ائين چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سڃاڻ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هو سڀ مون کي سڃاڻندا، ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي بدڪاري معاف ڪندس، ۽ هنن جو گناهہ وري اڳتي ياد نہ ڪندس.


پر جيڪو فخر ٿو ڪري سو هن تي فخر ڪري تہ هو سمجهي ٿو، ۽ مون کي سڃاڻي ٿو، تہ آءٌ خداوند آهيان، جو زمين تي رحمت، ۽ انصاف، ۽ سچائي ٿو ڪريان: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اهڙين ڳالهين مان خوش ٿو ٿيان.


۽ اچو تہ ڳولا ڪريون، ۽ خداوند کي سڃاڻڻ لاءِ پيروي ڪريون؛ هن جو اچڻ يقيناً صبح وانگر آهي: ۽ هو اسان وٽ مينهن وانگر ايندو، انهي پوئين مينهن وانگر جو زمين کي ريج ٿو ڏئي.


منهنجي پيءُ سڀ ڪجهہ مون کي سونپي ڇڏيو آهي، ۽ پٽ کي پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي؛ نڪي ڪو پيءُ کي پٽ کانسواءِ ٿو سڃاڻي، ۽ اُنهي کانسواءِ جنهن کي پٽ اهو ظاهر ڪرڻ گهري.


سڀيئي شيون مون کي منهنجي پيءُ سونپي ڇڏيون آهن: ۽ پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي؛ نڪي پٽ کانسواءِ، ۽ انهي کانسواءِ جنهن تي پٽ اُهو ظاهر ڪري؛ ٻئي ڪنهن کي اها خبر آهي تہ پيءُ ڪير آهي؟


۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ