Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 2:4 - Sindhi Bible

4 جيڪڏهن تون انهيءَ کي چانديءَ وانگر ڳوليندين، ۽ لڪلن خزانن وانگر انهيءَ جي ڳولا ڪندين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اوهين ڏاهپ کي ائين ڳوليندا رهو، جيئن سون چانديءَ يا ڪنهن لڪل خزاني جي ڳولا ڪبي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 2:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو اسحاق جي نوڪرن اچي کيس چيو تہ جيڪو کوهہ اسان کوٽيو هو، تنهن مان پاڻي نڪتو آهي.


جي موت جي لاءِ منتظر آهن، پر موت نٿو اچي؛ ۽ اهي انهيءَ جي لاءِ ايترو ڳولي کوٽين ٿا جو لڪل خزانن جي لاءِ بہ نٿا کوٽين؛


تنهن ڪري آءٌ تنهنجن حڪمن کي، سون کان بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪريان.


مون کي تنهنجي شاهدين جي واٽ تي اهڙي خوشي ٿي آهي، جهڙي بيحد دولت جي ڪري ٿيندي آهي.


تنهنجي وات جي شريعت مون لاءِ هزارن مهرن ۽ چانديءَ کان بهتر آهي.


اهي سون کان، بلڪ ڪُندن کان بہ وڌيڪ دلپسند آهن: اهي ماکيءَ کان ۽ ان جي ماناري کان بہ مٺا آهن.


ڏاهپ هٿ ڪرڻ سون کان ڪيترو نہ گهڻو بهتر آهي! هائو، سمجهہ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان زيادہ پسند ڪرڻ جي لائق آهي.


هائو، جيڪڏهن تون سياڻپ کي سڏيندين، ۽ سمجهہ کي پڪاريندين؛


سچ کي خريد ڪر ۽ انهيءَ کي وڪڻي نہ ڇڏ؛ هائو، ڏاهپ کي ۽ تعليم کي ۽ سمجهہ کي.


ڏاهپ مکيہ شيءِ آهي، تنهن ڪري ڏاهپ هٿ ڪر: جيڪي بہ ٻيو تو وٽ هجي تنهن هوندي بہ سمجهہ هٿ ڪر.


جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.


هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.


آسمان جي بادشاهت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ لڌو، ۽ لڪائي رکيائين؛ ۽ خوشيءَ وچان وڃي جيڪي وٽس هو، سو وڪڻي اُها ٻني خريد ڪيائين.


۽ جنهن ڪنهن منهنجي نالي ڪري گهر، يا ڀائر، يا ڀينر، يا پيءُ، يا ماءُ، يا ٻار، يا ٻنيون ڇڏي ڏنيون آهن، تن کي اُهي سؤڻيون ملنديون، ۽ اهو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيندو.


۽ سندس مالڪ اُنهي کوٽي گماشتي جا انصاف مڃيا، ڇالاءِ جو هن پڪائي ڪئي هئي! ڪيئن جو هن دنيا جا ٻار پنهنجي زماني ۾ روشني جي ٻارن کان وڌيڪ سياڻا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ