3 هائو، جيڪڏهن تون سياڻپ کي سڏيندين، ۽ سمجهہ کي پڪاريندين؛
3 هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ کي حاصل ڪرڻ لاءِ پڪاريندا رهو.
رڳو خداوند توکي عقل ۽ سمجهہ بخشي، ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ تنهنجي هدايت ڪري؛ تہ تون خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جي پيروي ڪرين.
آءٌ تنهنجو بندو آهيان، مون کي سمجهہ ڏي؛ تہ آءٌ تنهنجن شاهدين کي ڄاڻان.
ت اي خداوند شل منهنجو فرياد تنهنجي حضور ۾ پهچي: پنهنجي ڪلام موجب مون کي سمجهہ ڏي.
مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ تنهنجي شريعت کي مڃيندو رهندس؛ ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان انهيءَ تي عمل ڪندس.
ي تنهنجن هٿن مون کي ٺاهيو ۽ جوڙيو آهي: مون کي سمجهہ عطا ڪر تہ آءٌ تنهنجا حڪم سکان.
جيڪڏهن تون پنهنجا ڪن ڏاهپ ڏانهن ڦيرائيندين، ۽ پنهنجي دل سمجهہ تي لڳائيندين؛
جيڪڏهن تون انهيءَ کي چانديءَ وانگر ڳوليندين، ۽ لڪلن خزانن وانگر انهيءَ جي ڳولا ڪندين؛
پنهنجن سڀني رستن ۾ هن کي مڃ، ۽ هو توکي سنئون رستو ڏيکاريندو.
اي منهنجا پٽ، پيءُ جي تعليم ٻڌو، ۽ سمجهہ حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيو:
جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.
پوءِ جيڪڏهن اوهين جي بڇڙا آهيو، سي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اُنهن کي پاڪ روح ڏيندو، جيڪي کانئس گهُرن ٿا.
پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.