Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 2:22 - Sindhi Bible

22 پر شرير انهيءَ زمين تان وڍجي ويندا، ۽ جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن تن جي پاڙ انهيءَ مان پٽجي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پر جيڪڏهن اوهين بدڪار ۽ دغاباز هوندا تہ اوهان جو پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڪو حق نہ رهندو ۽ بيڪار ٻوٽن جيان اوهان کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 2:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ خداوند پنهنجي لاءِ اسرائيل تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪندو جو اُنهيءَ ڏينهن يربعام جو گهراڻو وڍي ڇڏيندو: پر ڪڏهن؟ اهو هينئر ئي ٿيندو.


انهيءَ طرح سائول جيڪو گناهہ خداوند جي برخلاف ڪيو هو، جو خداوند جي حڪم تي پوريءَ طرح نہ هليو هو، تنهن جي ڪري مئو؛ ۽ انهيءَ ڪري بہ، جو هن هڪڙي ڏائڻ کان صلاح مشورت پڇي،


تہ خراب ماڻهو مصيبت جي ڏينهن لاءِ رکيو ويو آهي؟ ۽ غضب جي ڏينهن لاءِ اُهي بچايا ٿا وڃن؟


شل گنهگار زمين تان فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار باقي نہ رهن. اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ. خداوند جي تعريف ڪريو.


خداوند انهن سڀني کي سنڀالي ٿو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن؛ پر سڀني بڇڙن کي برباد ڪري ڇڏيندو.


پر بڇڙا ماڻهو برباد ٿي ويندا، ۽ خداوند جا دشمن ساوڪ ۽ گاهہ وانگر نابود ٿي ويندا؛ اهي دونهين وانگر اُڏامي ويندا.


ڇو تہ جن تي هن جي برڪت آهي سي زمين جا وارث ٿيندا؛ ۽ جن تي سندس لعنت آهي سي تباهہ ٿي ويندا.


ڇو جو خداوند کي انصاف وڻي ٿو، ۽ هو پنهنجن مقدسن کي ڇڏي نٿو ڏئي؛ اهي هميشہ مضبوط آهن؛ پر بڇڙن جو نسل تباهہ ٿي ويندو.


خدا بہ توکي هميشہ جي لاءِ برباد ڪندو، هو توکي جهلي تنهنجي تنبوءَ مان ڇڪي ڪڍندو، ۽ دنيا مان تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو.


تہ ڏس هي اهو ماڻهو آهي جنهن خدا کي پنهنجي پناهہ نہ سمجهيو؛ پر پنهنجيءَ گهڻيءَ دولت تي پنهنجو ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجيءَ بڇڙائيءَ ۾ پاڻ کي پڪو ڪيائين.


سچا ڪڏهن بہ چوريا نہ ويندا: پر شرير ملڪ ۾ ڪڏهن بہ نہ رهندا.


سچن جي سچائي هنن کي هدايت ڪري ٿي: پر دغابازن جي ڏنگائي کين ناس ڪندي.


پر خداوند انهي کي معاف نہ ڪندو، ۽ خداوند پنهنجيءَ غيرت جي ڪري انهي ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ سڀ لعنتون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهي ماڻهوءَ تي پونديون، ۽ خداوند انهي جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندو.


۽ خداوند غصي ۾، ڪاوڙ ۾، ۽ ڏاڍي چڙ ۾ ڀرجي هنن جي ملڪ مان سندن پاڙ پٽي ڪڍي، ۽ کين ٻئي ملڪ ۾ اُڇلايائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن کي رفتہ رفتہ تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندو: تون انهن کي يڪدم نابود نہ ڪج، متان جهنگ جا مرون وڌي تو تي حملو ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ