انهيءَ ڏينهن تون پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندي نہ ٿيندينءَ ڇا، جن سان تو منهنجو گناهہ ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو تڏهن آءٌ تنهنجي وچ مان سڀني مغرورن کي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ تون منهنجي پاڪ جبل تي وري مغروري نہ ڏيکاريندينءَ.
۽ هنن کي خدا جي انهي حڪم جي خبر آهي، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي موت جي لائق آهن، انهيءَ هوندي بہ نہ رڳو هو پاڻ اُهي ساڳيا ڪم پيا ڪن، پر ٻيا جيڪي اُهي ڪن ٿا، تن سان راضي ٿا رهن.