ڇالاءِ جو خدا کي سڃاڻي، هنن سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي نہ ڪئي، ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪئي، پر پنهنجن اجاين خيالن ڪري مُنجهي پيا، ۽ سندن بي سمجهہ دلين تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.
اهي نڪتا تہ اسان منجهان ئي آهن، مگر اُهي اسان جا ڪين هئا؛ ڇالاءِ جو جي هو اسان منجهان هجن ها، تہ اسان سان گڏ ٿي رهندا اچن ها: پر هو نڪري ويا آهن، انهي لاءِ تہ ظاهر ٿئي تہ هو سڀ اسان منجهان ناهن.