Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 2:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو ڏاهپ تنهنجي دل ۾ داخل ٿيندي، ۽ علم تنهنجي روح کي پسند ايندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اوهين ڏاها ٿي پوندا ۽ اوهان جي سمجھہ اوهان کي خوشيون ڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 2:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن جي چپن جي حڪمن کان ڦري نہ ويو آهيان: مون هن جي ڪلام کي پنهنجي ضروري کاڌي کان بہ وڌيڪ سانڍي رکيو آهي.


شل منهنجا خيال کيس پسند اچن: آءٌ خداوند ۾ خوش رهندس.


تنهنجو ڪلام منهنجي لاءِ ڪهڙو نہ مٺو آهي! هائو منهنجي وات کي ماکيءَ کان بہ مٺو ٿو لڳي.


مون تنهنجين شاهدين کي هميشہ لاءِ پنهنجو ورثو ڪيو آهي؛ ڇو تہ اهي منهنجيءَ دل جي خوشي آهن.


آءٌ تنهنجي ڪلام جي ڪري اهڙو خوش آهيان، جو ڄڻ تہ وڏيءَ لٽ جو مال مليو اٿم.


م اوهہ، مون کي تنهنجي شريعت ڪهڙي نہ پياري آهي! آءٌ سڄو ڏينهن مٿس غور پيو ڪريان.


اهي سون کان، بلڪ ڪُندن کان بہ وڌيڪ دلپسند آهن: اهي ماکيءَ کان ۽ ان جي ماناري کان بہ مٺا آهن.


ڀورڙن ماڻهن کي هوشياري ڏيڻ لاءِ، جوان ماڻهوءَ کي علم ۽ سياڻپ ڏيڻ لاءِ:


ڏاهپ انهيءَ جي دل ۾ ٿي رهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر جيڪي بي عقلن جي دل ۾ آهي سو ظاهر ٿيو پوي.


ڇالاءِ جو جي تون انهن کي پنهنجي اندر ۾ سانڍيندين تہ اها چڱي ڳالهہ آهي: ۽ اُهي تنهنجن چپن تي ڄمي وڃن.


ڏاهپ کي ڇڏي نہ ڏي، اُها توکي بچايو ايندي؛ انهيءَ کي پيار ڪر، جو اُها تنهنجي سنڀال ڪندي.


تنهنجو ڪلام مون لڌو، ۽ اُهو مون کاڌو؛ ۽ تنهنجون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ منهنجي دل جي سرهائي هيون: ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند خدا، آءٌ تنهنجي نالي سان ٿو سڏجان.


ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ