Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 19:8 - Sindhi Bible

8 جنهن کي ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي سو پنهنجي روح کي پيار ڪري ٿو: جيڪو سمجهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو چڱائي لهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جيڪو ڏاهپ ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجو پاڻ کي پيار ٿو ڪري. هائو، جيڪو سمجھہ سان هلندو رهي ٿو، تنهن کي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 19:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڪري تنهنجي ٻانهي کي اطلاع ٿو ملي: انهن جي مڃڻ ۾ وڏو اجر آهي.


جيڪو ڪلام تي ڌيان ڏئي ٿو سو چڱائي لهندو: ۽ جيڪو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي سو سڀاڳو آهي.


ڪهڙي سبب ڏاهپ کي خريد ڪرڻ لاءِ بيوقوف جي هٿ ۾ قيمت موجود آهي، جڏهن هن کي ڪا سمجهہ ڪانهي؟


ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو سو ناس ٿي ويندو.


ڇالاءِ جو جي تون انهن کي پنهنجي اندر ۾ سانڍيندين تہ اها چڱي ڳالهہ آهي: ۽ اُهي تنهنجن چپن تي ڄمي وڃن.


جيڪي ان کي هٿ وجهي جهلين ٿا تن جي لاءِ اُها حياتيءَ جو وڻ آهي: ۽ جيڪو اُن کي وٺي جهلي ٿو سو سڀاڳو آهي.


اي منهنجا پٽ، انهن کي پنهنجين اکين کان پري وڃڻ نہ ڏي؛ پوري ڏاهپ ۽ سياڻپ جي سنڀال رکج؛


جو اُهي تنهنجي روح جي حياتي ٿيندا، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جو سينگار ٿيندا.


انهن کي پنهنجي نظر کان نڪري وڃڻ نہ ڏي؛ انهن کي پنهنجي دل ۾ سنڀاليو اچ.


۽ منهنجي پيءُ مون کي تعليم ڏني ۽ مون کي چيائين تہ، جيڪي آءٌ چوان ٿو سو پنهنجي دل تي ڄمائي ڇڏ: منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ:


ڏاهپ کي ڇڏي نہ ڏي، اُها توکي بچايو ايندي؛ انهيءَ کي پيار ڪر، جو اُها تنهنجي سنڀال ڪندي.


آءٌ اوهان کي نئين دل بہ ڏيندس ۽ اوهان ۾ نئون روح وجهندس: ۽ اوهان جي بدن مان اها پٿر جهڙي دل ڪڍي وٺندس ۽ گوشت جي دل ڏيندس.


جيڪو پنهنجي جان کي پيار ٿو ڪري، سو اُها وڃائي ٿو، ۽ جيڪو هن دنيا ۾ پنهنجي جان کي ڌڪاري ٿو، سو هميشہ جي زندگيءَ لاءِ اُن کي بچائي ٿو.


جنهن وٽ منهنجا حڪم آهن، ۽ جو اُهي بجا ٿو آڻي، سو ئي آهي جو مون کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تنهن کي منهنجو پيءُ پيار ڪندو، ۽ آئون بہ پيار ڪندوسانس، ۽ کيس پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندس.


ڇالاءِ تہ ”جيڪو ڀانئين تہ حياتي سُکي گذاريان ۽ چڱا ڏينهن ڏسان، سو پنهنجي زبان کي بديءَ کان روڪي، ۽ پنهنجي چپن کي ٺڳيءَ جي ڳالهہ ڪرڻ کان؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ