Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 19:7 - Sindhi Bible

7 غريب جا سڀ ڀائر کيس ڌڪارين ٿا؛ سندس دوست کانئس ڪيترو نہ وڌيڪ پري وڃن ٿا! هو ڳالهائيندو هنن جي پٺيان وڃي ٿو پر هو هليا وڃن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن غريب ماڻهوءَ کان سندس ڀائر ئي نفرت ٿا ڪن، تڏهن سندس دوست کانئس ڪيڏو نہ پري ڀڄندا، توڙي جو هو مدد لاءِ سندن پٺيان ڊوڙندو وتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 19:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجا پيارا ۽ دوست منهنجيءَ آفت جي وقت مون کان پري ٿي بيٺا آهن؛ ۽ منهنجا مٽ مائٽ ڏور ٿي بيٺا آهن.


جيڪي منهنجيءَ جان جي پٺيان آهن، سي مون لاءِ ڦندا ٿا وڇائين، ۽ جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين سي حرڪت جهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ سڄو ڏينهن ٺڳيءَ جا پهہ پيا پچائين.


تو منهنجي دوستن کي ۽ عزيزن کي مون کان پري ڪيو آهي، ۽ منهنجي واقفڪارن کي اوندهہ ۾ رکيو اٿيئي.


تو منهنجي واقفڪارن کي مون کان پري ڪيو آهي: ۽ انهن جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو ڪيو اٿيئي: آءٌ بند ۾ آهيان، ۽ ٻاهر نڪري نٿو سگهان.


دولتمند ماڻهوءَ جي دولت سندس مضبوط شهر آهي: پر غريب ماڻهوءَ جي غريبي سندس ناس ٿيڻ جو سبب آهي.


غريب کي خود سندس پاڙيسري بہ ڌڪاري ٿو: پر دولت مند جا گهڻا ئي دوست آهن.


غريب منٿون آزيون ٿو ڪري: پر دولتمند کهرو جواب ڏئي ٿو.


دولت گهڻا دوست پيدا ڪري ٿي: پر غريب ماڻهو پنهنجي دوست کان ڌار ٿئي ٿو.


جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو پاڻ بہ دانهون ڪندو پر ٻڌندس ڪوبہ ڪونہ.


پنهنجي دوست کي ۽ پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي نہ ڏي، ۽ پنهنجي مصيبت جي ڏينهن پنهنجي ڀاءُ جي گهر ڏي نہ وڃ، ڇالاءِ جو انهيءَ ڀاءُ کان جو پري آهي ويجهو پاڙيسري بهتر آهي.


پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ