Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 19:5 - Sindhi Bible

5 ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو اُهو بچي نہ ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ڪوڙي شاهد کي ضرور سزا ملندي. هائو، اهو هرگز بچي نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 19:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن اُنهيءَ کي چيو تہ جهڙو تون نبي آهين اهڙو آءٌ بہ آهيان؛ ۽ خداوند جي حڪم پٺيان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو تہ هن کي پاڻ سان وٺي پنهنجي گهر وڃ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي. پر هن اُنهيءَ کي ڪوڙ ڪري ائين چيو.


تنهنڪري هاڻي هن کي بيگناهہ نہ ڄاڻج، ڇالاءِ جو تون ڏاهو ماڻهو آهين؛ ۽ تون پاڻيهي ڄاڻندين تہ هن سان ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ تون هن جو اڇو مٿو رت سان ڀري قبر ۾ وجهج.


اُهي بڇڙائي ڪري ڇٽي ويندا ڇا؟ اي خدا غصي ۾ قومن کي ڪيرائي ڇڏ.


تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.


تون ڪوڙي خبر نہ پکيڙج: ڪوڙي شاهدي ڀرڻ لاءِ شرير ماڻهن سان شامل نہ ٿج.


سچو شاهد ماڻهن جا ساهہ بچائي ٿو: پر ڪوڙ ڳالهائيندڙ دغا بازي ڪري ٿو.


ايماندار شاهد ڪوڙ ڪين ڳالهائيندو: پر ڪوڙو شاهد ڪوڙ ڳالهائي ٿو.


ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو سو ناس ٿي ويندو.


ڪوڙو شاهد ناس ٿيندو: پر جنهن ڳالهہ ٻڌي آهي سو ڳالهہ تي قائم رهندو.


ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪُساکي شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جهيڙو وجهندڙ ماڻهو.


۽ بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي انهن ماڻهن کي وٺي آيا جن داني ايل تي تهمت آندي هئي، ۽ انهن کي سندن ٻارن ٻچن ۽ زالن سميت کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائون؛ ۽ شينهن انهن تي اچي ڪاهي پيا، ۽ غار جي تري تائين پهچڻ کان اڳي انهن جا هڏ گڏ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.


تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ: ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي، تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ