Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 19:3 - Sindhi Bible

3 ماڻهوءَ جي بي عقلي هن کي گمراهہ ڪيو ڇڏي؛ ۽ اُن جي دل خداوند جي برخلاف بيزار ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ماڻهوءَ جي پنهنجي بي‌وقوفي ئي کيس گمراهہ ڪريو ڇڏي، مگر هو وري الزام خداوند تي ٿو مڙهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 19:3
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اڃا هن اُنهن سان پئي ڳالهايو تہ اُهو قاصد وٽس آيو: ۽ اچي چيائينس تہ ڏس، هيءَ خرابي خداوند جي طرفان آيل آهي: ڇالاءِ آءٌ هن کان وڌيڪ خداوند جو منتظر رهان؟


جو تون پنهنجو روح ڦيرائي خدا جي برخلاف ڪرين ٿو، ۽ اهڙيون ڳالهيون پنهنجي واتان ٿو ڪڍين.


بدڪارن جي ڪري تون پاڻ کي خفي نہ ڪر، نڪي بڇڙائي ڪندڙ سان ريس ڪر.


خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر.


سچن جي سچائي هنن کي هدايت ڪري ٿي: پر دغابازن جي ڏنگائي کين ناس ڪندي.


ڇالاءِ جو ڪميڻو ماڻهو ڪميڻائيءَ جون ڳالهيون ڪندو ۽ انهي جي دل بڇڙائيءَ جا خيال ڪندي، جو هو بي دينيءَ جهڙي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي برخلاف ڪوڙ چوندو، تہ بکئي جي جان خالي رهي، ۽ اُڃايل کي پاڻي نہ ملي.


ڪهڙي سبب جيئرو ماڻهو شڪايت ٿو ڪري، ماڻهو پنهنجن گناهن جي سزا لاءِ پڪاري ٿو ڇا؟


انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا هاڻي ٻڌو: منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟


۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي: تو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوري تعميل نہ ڪئي آهي: ڇالاءِ جو هاڻي خداوند تنهنجي بادشاهي اسرائيل تي هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ وارو هو.


ڇالاءِ جو نافرماني جادوگريءَ جهڙو ئي گناهہ آهي، ۽ سرڪشي، بت پرستي ۽ خانگي معبود رکڻ جي برابر آهي. تو خداوند جو حڪم رد ڪيو آهي، تنهنڪري هن بہ توکي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ