Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 18:7 - Sindhi Bible

7 بي عقل جو وات سندس موت آهي، ۽ سندس چپ سندس روح جو ڦانڌو آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 بي‌وقوف جي زبان سندس ئي برباديءَ جو باعث ٿي بڻجي، هائو، سندس ڳالهائڻ ئي هن جي لاءِ ڦندو ثابت ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 18:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري مون کي چوڌاري گهيرو ٿا ڪن، تن جي وات جي بڇڙائي شل سندن مٿان پوي.


اهي پنهنجي زبان جي ڪري پاڻ ڌڪو کائيندا: ۽ جيڪي کين ڏسندا سي سڀ ڪنڌ ڌوڻيندا.


ڏاها ماڻهو علم گڏ ڪن ٿا: پر بي عقل جو وات هڪڙو ترت موت آهي.


ڏاهي دل وارو حڪم قبول ڪندو: پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو.


چپن جي گنهگاريءَ ۾ خراب ڦانڌو آهي: پر سچو ماڻهو تڪليف مان نڪري ايندو.


جيڪو پنهنجو وات سنڀالي ٿو سو پنهنجي حياتي سنڀالي ٿو: پر جيڪو پنهنجا چپ وڏا ٿو پٽي سو ناس ٿي ويندو.


بي عقلن جي وات ۾ مغروريءَ جي لٺ آهي: پر ڏاهن جا چپ انهن کي بچائين ٿا.


جنهن کي سمجهہ آهي تنهنجي لاءِ اُها حياتيءَ جو هڪڙو چشمو آهي: پر بي عقلن کي فهمائش ڏيڻ انهن جي بي عقلي آهي.


چغل خور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن.


شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.


تہ تون پنهنجي وات جي ٻولين ڪري ڦاٿو آهين، تون پنهنجي وات جي ٻولين ڪري گرفتار ٿيو آهين.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن انهي کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ هاءِ، اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ذليل ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ تون منهنجي تڪليف ڏيندڙن مان هڪڙي آهين: ڇالاءِ جو مون خداوند جي اڳيان پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ آءٌ انهي کان ڦري نٿو سگهان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ