Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 18:18 - Sindhi Bible

18 ڪڻي وجهڻ ڪري تڪرار بند ٿي وڃن ٿا، ۽ زور وارن جي وچ ۾ فيصلو ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ڪڻو وجھڻ سان جھڳڙن کي ٽاري سگھجي ٿو، ۽ طاقتورن جي وچ ۾ انهيءَ جي وسيلي فيصلو ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 18:18
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن سڀني بہ پنهنجن ڀائرن هارون جي پٽن وانگر، دائود بادشاهہ، ۽ صدوق، ۽ اخي ملڪ، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين جي اباڻي گهراڻي جي سردارن جي روبرو ڪڻا وڌا؛ يعني جهڙو وڏي جي اباڻي گهراڻن جو حق هو، تهڙو هن جي ننڍي ڀاءُ جي گهراڻي جو بہ هو.


مراريءَ جي پٽن کي ڪڻي وجهڻ سان، سندن قبيلن موجب، روبن جي فرقي مان ۽ جد جي فرقي مان، ۽ زبولون جي فرقي مان، ٻارهن شهر ڏنا ويا.


۽ قوم جا امير يروشلم ۾ رهندا هئا: باقي ٻين ماڻهن بہ ڪُڻا وڌا تہ ڏهن ماڻهن مان هڪڙو يروشلم جي پاڪ شهر ۾ اچي رهي، ۽ نوَ حصا ٻين شهرن ۾.


ڪڻو جهوليءَ ۾ اُڇلايو ٿو وڃي؛ پر انهيءَ جو انتظام خدا وٽان آهي.


جيڪو پنهنجي دعويٰ جو پهرين حجت دليل ڏئي ٿو سو سچو ڏسڻ ۾ ٿو اچي: پر هن جو پاڙيسري اچي هن جي حقيقت ظاهر ڪري ٿو.


رنج ٿيل ڀاءُ کي راضي ڪرڻ مضبوط شهر کي فتح ڪرڻ کان مشڪل آهي: ۽ اهڙا جهيڙا ڪوٽ جي گزن وانگر آهن.


اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انهن نوَن فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو.


تنهنڪري سائول خداوند اسرائيل جي خدا کي چيو تہ حق ڏيکار. ۽ يونتن ۽ سائول ڪڻن وجهڻ سان ڪڍيا ويا: پر ٻيا ماڻهو بچي ويا.


تڏهن سائول چيو تہ منهنجي ۽ منهنجي پٽ جي وچ ۾ ڪڻا وجهو. ۽ يونتن ڪڍيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ