Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 18:16 - Sindhi Bible

16 ماڻهوءَ جو تحفو هن جي لاءِ جاءِ ڪري ٿو، ۽ هن کي وڏن ماڻهن جي اڳيان آڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تحفو پيش ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ٿو، هائو، انهيءَ سان وڏن ماڻهن وٽ رسائي آسان ٿيو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 18:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو يعقوب اسان جي پٺيان پيو اچي. ڇالاءِ جو هن چيو تہ هيءَ سوغات جا مون کان اڳ ۾ وٺيو ٿا وڃن، تنهن سان آءٌ هن جي ڪاوڙ ڍري ڪندس، ۽ پوءِ سندس منهن ڏسندس؛ تہ من هو مون کي قبول ڪري.


پر يعقوب چيو تہ نہ، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ هاڻي جيڪڏهن تو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، تہ منهنجي سوکڙي قبول ڪر. آءٌ تنهنجو منهن ائين ٿو ڏسان، ڄڻ تہ خدا جو منهن ڏٺو اٿم، ۽ تون مون تي راضي بہ ٿيو آهين.


تڏهن سندن پيءُ اسرائيل کين چيو، تہ جي ائين ئي آهي تہ هيئن ڪريو، هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجهو، ۽ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، مصالحہ، مَر، پستا ۽ باداميون، اهي سڀ سوکڙيءَ طور انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ کڻي وڃو.


۽ ارام جي بادشاهہ چيو تہ هل، اچ، آءٌ پاڻ اسرائيل جي بادشاهہ ڏي خط موڪليندس. ۽ هو هليو ويو، ۽ پاڻ سان ڏهہ قنطار چانديءَ ۽ ڇهہ هزار ٽڪر سون ۽ ڏهہ وڳا ڪپڙن جا کڻي ويو.


سوکڙي جنهن کي ملي ٿي تنهن جي نظر ۾ هڪڙو جواهر آهي: جيڏانهن هو ڦري ٿو اوڏانهن هو فتحياب ٿئي ٿو.


جيڪو پنهنجي دعويٰ جو پهرين حجت دليل ڏئي ٿو سو سچو ڏسڻ ۾ ٿو اچي: پر هن جو پاڙيسري اچي هن جي حقيقت ظاهر ڪري ٿو.


سخي ماڻهوءَ جي مهرباني حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي خوشامد ڪندا: ۽ جيڪو بخششون ٿو ڏئي تنهن جو سڀ ڪو ماڻهو دوست ٿو ٿئي.


ڳجهي پالهي سوکڙي ڪاوڙ ڍري ڪري ڇڏي ٿي، ۽ بغل ۾ انعام سخت ڪاوڙ ڍري ڪري ٿو.


تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون ۽ شراب جي سانداري، ۽ هڪ ڇيلو رکي، پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏي ڏياري موڪليو.


۽ هاڻي هي نذرانو، جو تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ لاءِ آندو آهي، سو ڀلي تہ انهن جوان ماڻهن کي ڏنو وڃي، جي منهنجي ڌڻيءَ جي پٺيان ٿا هلن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ