6 اولاد جو اولاد ٻڍن ماڻهن جو ڇٽ آهي؛ ۽ ٻارن جو فخر سندن ابا آهن.
6 ابن ڏاڏن لاءِ سندن پوٽا ڏوهٽا فخر جو باعث آهن، ۽ اولاد جو فخر سندن والدين.
پوءِ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون نٿي ڀانئيو تہ آءٌ تنهنجو منهن ڏسندس: پر ڏس، خدا مون کي تنهنجو اولاد بہ ڏيکاريو.
۽ يوسف افرائيم جي ٽينءَ پيڙهيءَ وارا ٻار بہ ڏٺا: ۽ منسيءَ جي پٽ مڪير جا ٻار بہ يوسف جي هنج ۾ نپنا.
اُنهيءَ هوندي بہ تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾، تنهنجي پيءُ دائود جي خاطر، ائين نہ ڪندس: پر اها تنهنجي پٽ جي هٿان کسيندس.
انهيءَ هوندي بہ دائود جي خاطر، خداوند سندس خدا هن کي يروشلم ۾ هڪڙو ڏيئو ڏنو، يعني کانئس پوءِ سندس پٽ کي سندس جاءِ تي ويهاريائين ۽ يروشلم کي قائم ڪيائين:
تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.
چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي.
اڇو مٿو فخر جو ڇٽ آهي، اُهو سچائيءَ جي رستي ۾ لڀندو.
لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟