Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:26 - Sindhi Bible

26 سچن کي سزا ڏيڻ بہ چڱو نہ آهي، نڪي شريفن کي سندن سچائيءَ لاءِ مارڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 بي‌گناهہ کي سزا ڏيڻ، ۽ شريف کي ناحق چهبڪ هڻڻ چڱو نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:26
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


تنهن ڪري هاڻي اُٿ، ۽ هلي پنهنجن ٻانهن سان خوش ٿي ڳالهاءِ: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جو قسم ٿو کڻان تہ جي تون ٻاهر نہ هلندين تہ اڄ رات تو وٽ هڪڙو ماڻهو بہ ڪين ٽڪندو: ۽ اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ سڀني خرابين کان بڇڙي ٿيندي، جي ننڍي هوندي کان وٺي هيستائين توکي پئي پهتيون آهن.


۽ آءٌ اڄوڪي ڏينهن، جيتوڻيڪ مسح ڪيل بادشاهہ آهيان، تہ بہ ضعيف آهيان؛ هي ماڻهو، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن: خداوند شل شرير کي سندس شرارت موجب بدلو ڏئي.


جيڪو شرير کي سچو ٺهرائي ۽ جيڪو سچي کي شرير ٺهرائي. تن ٻنهي کان خداوند کي نفرت ٿي اچي.


شرير جي پاسداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، نڪي عدالت ۾ سچي کي هڪالي ڪڍڻ.


تنهنڪري اي لشڪرن جي ڌيءَ، پنهنجا لشڪر گڏ ڪري تيار ٿيءُ: هن اسان جي چوگرد گهيرو ڪيو آهي: هو اسرائيل جي حاڪم کي ڳلي تي لٺ ٿا هڻن.


۽ اڃا هن ائين چيو ئي ڪين، تہ حوالدار جي اتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي لپاٽ هڻي چيس، تہ سردار ڪاهن کي ٿو ائين جواب ڏين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ