Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:2 - Sindhi Bible

2 جيڪو نوڪر ڏاهپ سان ڪم ڪار ڪري ٿو سو انهيءَ پٽ تي حڪم هلائيندو جو خواري پيدا ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کي ڀائرن سان گڏ ورثي جو حصو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 عقلمند نوڪر مالڪ جي انهيءَ پٽ تي حڪم هلائيندو، جيڪو پيءُ جي خواريءَ جو باعث آهي. مالڪ پنهنجي انهيءَ نوڪر کي ملڪيت مان پٽن سان گڏ حصو ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:2
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو اونهاري ۾ گڏ ڪري رکي ٿو سو ڏاهو پٽ آهي: پر جيڪو لابارن جي موسم ۾ سمهي ٿو سو پٽ شرمندگي پيدا ڪري ٿو.


جيڪو خود پنهنجي گهراڻي کي تڪليف ٿو ڏئي، تنهن کي ورثي ۾ واءُ ملندو: ۽ بي عقل ڏاهي دل واري جو غلام ٿيندو.


بادشاهہ انهيءَ نوڪر تي مهربان ٿو رهي جو ڏاهپ سان هلي ٿو: پر اُن جي ڪاوڙ انهيءَ تي ٿي رهي جو شرم جهڙا ڪم ڪري ٿو.


سڪل گرهہ صلح سان گڏ بهتر آهي، انهيءَ گهر کان جو عمدن طعامن سان ڀريل آهي، مگر جهيڙو اُن سان شامل آهي.


صاف ڪرڻ جو بوتو چانديءَ لاءِ آهي ۽ کورو سون جي لاءِ آهي: پر خداوند دلين جو پرکڻ وارو آهي.


جيڪو پنهنجي پيءُ کي هلاڪ ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ماءُ کي پٺيان پئي ڀڄائي ٿو، سو اهڙو پٽ آهي جو شرمندگي پيدا ٿو ڪري ۽ خواري آڻي ٿو.


لڪڻ ۽ ڇينڀ ڏاهپ لهن ٿا، پر پنهنجي منهن ڇڏي ڏنل ٻار پنهنجي ماءُ کي شرمندو ڪري ٿو.


غريب ۽ ڏاهو ڇوڪر انهي ٻڍي ۽ بيوقوف بادشاهہ کان بهتر آهي، جو وڌيڪ نصيحت وٺڻ نٿو ڄاڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ