17 دوست هر وقت پيار ڪري ٿو، ۽ ڀاءُ مصيبت جي وقت لاءِ ڄائو آهي.
17 دوست بيشڪ پنهنجي دوستي نڀائي ٿو، مگر ڀاءُڀيڻ تہ پيدا ئي مصيبت ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ آهن.
اي منهنجا ڀاءُ يونتن مون کي تنهنجو ڏاڍو ڏک آهي: تون مون کي ڏاڍو وڻندو هئين: تنهنجي محبت مون سان عجب جهڙي هئي، زالن جي محبت کان بہ وڌيڪ هئي.
تڏهن اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏئي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي جان جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ويندو انهيءَ هنڌ ضرور تنهنجو ٻانهو بہ ويندو، پوءِ مري يا جيئي.
ڇالاءِ جو جيڪڏهن هن وقت تون اصل ماٺ ڪري ويهندينءَ، تہ يهودين جو ڇوٽڪارو ۽ بچاءُ ٻئي هنڌان پيدا ٿيندو، پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو چٽ ٿي ويندو: ڪنهن کي خبر تہ تون ههڙي وقت جي لاءِ بادشاهت ۾ نہ آئي آهين؟
بيهودو ماڻهو جهيڙو جهڳڙو پکيڙي ٿو: ۽ چغل خور خاص دوستن کي دشمن ڪري ڇڏي ٿو.
جيڪو گهڻا دوست ٿو ڪري سو خود پنهنجي ناس ٿيڻ لاءِ ٿو ڪري: پر اهڙو بہ ڪو دوست ٿيندو آهي جو ڀاءُ کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪري.
بي عقل پٽ پنهنجي پيءُ جي آفت آهي: ۽ زال جا جهيڙا جهڳڙا هميشہ ٽمندڙ پاڻيءَ وانگر آهن.
غريب جا سڀ ڀائر کيس ڌڪارين ٿا؛ سندس دوست کانئس ڪيترو نہ وڌيڪ پري وڃن ٿا! هو ڳالهائيندو هنن جي پٺيان وڃي ٿو پر هو هليا وڃن ٿا.
هن ڪري جو جيڪو پاڪ ڪري ٿو ۽ جيڪي پاڪ ٿين ٿا، سي سڀ هڪ مان ئي آهن؛ انهيءَ سبب ڪري هو انهن کي ڀاءُ ڪري سڏڻ کان نٿو شرمائي.
۽ روٿ چيو تہ مون کي منٿ نہ ڪر تہ توکي ڇڏي هلي وڃان ۽ تنهنجي پٺيان نہ هلان ۽ موٽي وڃان: ڇالاءِ جو جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ هلنديس؛ ۽ جتي تون رهندينءَ اُتي آءٌ بہ رهنديس: تنهنجي قوم منهنجي قوم ٿيندي، ۽ تنهنجو خدا منهنجو خدا ٿيندو:
تڏهن يونتن ۽ دائود پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، ڇالاءِ جو هن انهي کي پنهنجي ساهہ جيترو پيار ٿي ڪيو.
پر سائول جي پٽ يونتن کي دائود گهڻو وڻندو هو. ۽ يونتن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ منهنجو پيءُ توکي مارائڻ ٿو گهري: تنهنڪري هاڻي آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ صبح جو پنهنجي سنڀال رکج، ۽ ڪنهن ڳجهيءَ جاءِ ۾ وڃي رهج ۽ پاڻ کي لڪائج:
۽ جنهن ٻنيءَ ۾ تون آهين تنهن ۾ آءٌ وڃي پنهنجي پيءُ جي پاسي ۾ بيهندس، ۽ تنهنجي بابت پنهنجي پيءُ سان ذڪر ڪندس؛ ۽ جيڪڏهن مون کي ڪي ڏسڻ ۾ آيو تہ توکي ٻڌائيندس.
۽ يونتن دائود کان انهي محبت خاطر جا هن سان هيس وري بہ قسم کڻايو: ڇالاءِ جو هو انهي کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيار ڪندو هو.
۽ سائول جو پٽ يونتن اُٿيو، ۽ ٻيلي ۾ دائود وٽ ويو، ۽ خدا ۾ سندس هٿ مضبوط ڪيائين.