Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:13 - Sindhi Bible

13 جيڪو چڱائيءَ جي بدران بڇڙائي ڪري ٿو، تنهن جي گهر کان بڇڙائي ڪڏهن بہ پري نہ ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيڪو چڱائيءَ جي بدلي ۾ بڇڙائي ٿو ڪري، تنهن جي گھر مان مصيبت ڪڏهن نہ ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:13
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي تنهنجي گهراڻي مان ترار اصل نہ ٽرندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجي حقارت ڪئي آهي، ۽ اورياہ حتيءَ جي زال کي تو پنهنجي زال بڻايو آهي.


۽ آءٌ تنهنجو گهراڻو يربعام بن نباط جي گهراڻي جهڙو ۽ بعشا بن اخياہ جي گهراڻي جهڙو ڪندس، جو تو مون کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو آهي، ۽ اسرائيل کان گناهہ ڪرايو اٿيئي


اُهي مون سان نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن، جنهن ڪري منهنجي جان لاچار ٿيو پوي.


جيڪي نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن سي منهنجا دشمن آهن، ڇو جو آءٌ نيڪيءَ جي پيروي ٿو ڪريان.


بدي گنهگارن جي پٺيان پوي ٿي: پر سچن کي چڱو بدلو ملي ٿو.


۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلي تہ هن جو خون اسان تي، ۽ اسان جي اولاد تي هجي.


۽ هو اُهي روپيا هيڪل ۾ اُڇلائي هليو ويو، ۽ وڃي پاڻ کي ڦاسي ڏنائين.


بديءَ جي عيوض ڪنهن سان بدي نہ ڪريو. جي ڳالهيون سڀني ماڻهن جي نظر ۾ چڱيون آهن، تن جو خيال رکو.


خبردار ڪوبہ ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري؛ پر هميشہ هڪ ٻئي سان، ۽ سڀني سان، نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو، ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو؛ پر اُٽلندو دعا ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين انهي لاءِ سڏيا ويا هئا تہ برڪت جا وارث ٿيو.


۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي، ۽ چيائينس تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهي، يعني دائود جي حق ۾ گناهہ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تنهنجي حق ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، ۽ هن تنهنجي لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن:


۽ هن دائود کي چيو تہ تون مون کان وڌيڪ راستباز آهين: ڇالاءِ جو تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، پر مون توسان برائي ڪئي آهي.


هاڻي دائود چيو هو تہ يقيناً جيڪي هن ڪمبخت وٽ بيابان ۾ آهي سو اجايو مون پئي سنڀاليو آهي جو هن جي ملڪيت مان ڪي بہ گم نہ ٿيو آهي: ۽ هن چڱائيءَ جي عيوض مون سان برائي ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ