Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:10 - Sindhi Bible

10 جنهن کي سمجهہ آهي تنهن تي ڇڙٻ اهڙو اونهو اثر ٿي ڪري جهڙو ڪنهن بي عقل کي سؤ چهبڪ نٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 عقلمند ماڻهوءَ تي هڪڙي ڇڙٻ بہ اهڙو اثر ٿي ڪري، جهڙو ڪنهن بي‌عقل تي سؤ چهبڪ بہ نہ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ راستباز ماڻهو مون کي ماري، اها مهرباني ٿيندي؛ ۽ ڀلي تہ اهو مون کي جهڻڪي، اهو ڄڻ تہ منهنجي مٿي تي تيل وڌائين؛ شل منهنجو مٿو انهي کان انڪار نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو انهن بڇڙائين ۾ بہ آءٌ دعا گهرندس.


ڏاهو پٽ پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌي ٿو: پر ٺٺولي ڪندڙ ملامت نٿو ٻڌي.


بي عقل ماڻهو پنهنجي پيءُ جي سيکت کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو تنهن کي سياڻپ حاصل ٿي ٿئي.


خراب ماڻهو رڳو فساد ڳولي ٿو؛ جنهن ڪري انهيءَ جي برخلاف هڪڙو سخت قاصد موڪليو ويندو.


جيڪو ڪو قصور لڪائي ٿو سو محبت ڳولي ٿو: پر جيڪو هڪڙيءَ ڳالهہ تي پيو پتوڙي سو گهاٽا دوست جدا ڪري ڇڏي ٿو.


ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻ تہ ڀورڙو عقل سکي: سمجهہ واري کي عتاب ڏي ۽ هو علم سکندو.


جيتوڻيڪ تون ڪنهن بي عقل کي ڪٽيل اَن سان گڏ اکريءَ مهريءَ ۾ کڻي ڪُٽيندين، تہ بہ ان جي بي عقلي منجهانئس نڪري نہ ويندي.


نوڪر رڳو ڳالهين سان ڪين سڌرندو: ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو سمجهندو تہ بہ ڌيان ڪين ڏيندو.


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ