هاڻي اخزياہ جي تباهي خدا وٽان هئي جو هو يهورام ڏي ويو هو: ڇالاءِ جو جڏهن هو موٽي آيو، تڏهن هو يهورام سان گڏجي ياهو بن نمسيءَ سان وڙهڻ لاءِ نڪري ويو، جنهن کي خداوند اخي اب جي گهراڻي کي وڍي ڇڏڻ لاءِ مسح ڪيو هو.
جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس:
سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيمين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس، ۽ تون انهي کي منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪج: ۽ هو منهنجي قوم کي فلستين جي هٿان بچائيندو: ڇالاءِ جو مون پنهنجي قوم تي نظر ڪئي آهي، جو هنن جي دانهن مون تائين پهتي آهي.