Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 16:5 - Sindhi Bible

5 جيڪو پنهنجي دل ۾ مغرور آهي تنهن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: بيشڪ هو اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هر مغرور انسان کان خداوند کي نفرت آهي، يقيناً اهي سزا کان بچي نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 16:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو مغرور آهي تنهن ڏي نظر ڪر ۽ انهيءَ کي لاهي هيٺ ڪر؛ ۽ جتي شرير بيٺا آهن اُتي هنن کي لتاڙي ڇڏ.


تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.


جيتوڻيڪ هٿ هٿ سان گڏبو تہ بہ خراب ماڻهو بي سزا رهجي نہ ويندو: پر سچي جو اولاد بچايو ويندو.


خداوند سڀڪا شيءِ پنهنجي مطلب لاءِ جوڙي آهي: هائو، بلڪ شريرن کي برائيءَ جي ڏينهن لاءِ بہ.


رحم ۽ سچ سان بي انصافي دفع ٿي وڃي ٿي! ۽ خداوند جي خوف سان ماڻهو بديءَ کان پري رهن ٿا.


ساڳيءَ طرح جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان صحبت ڪري ٿو؛ جيڪو اُن کي هٿ لائي ٿو، سو سزا جي لائق ٿيندو.


خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.


انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:


ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.


اوهين ٻڌو ۽ ڪن ڏيو؛ مغرور نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي.


پر هو زيادہ فضل ٿو ڏئي، تنهنڪري هو فرمائي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ