3 پنهنجا ڪم خداوند جي حوالي ڪر تہ پوءِ تنهنجا ارادا قائم رهندا.
3 پنهنجا سڀ ڪم خداوند جي حوالي ڪريو، تڏهن اوهان جا منصوبا ڪامياب ٿيندا.
تون ڪنهن ڳالهہ جو ذڪر ڪندين تہ اُها تنهنجي لاءِ قائم ٿي ويندي؛ ۽ تنهنجن رستن تي روشني چمڪندي.
پر آءٌ خدا کي ڳولڻ ٿو گهران، ۽ پنهنجو معاملو خدا جي حوالي ڪرڻ ٿو گهران:
پنهنجو بار خداوند تي رک، تہ هو توکي سنڀاليندو: هو راستبازن کي ڪڏهن بہ لوڏو کائڻ ڪين ڏيندو.
پنهنجن سڀني رستن ۾ هن کي مڃ، ۽ هو توکي سنئون رستو ڏيکاريندو.
۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ انهي لاءِ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ پنهنجي جان لاءِ فڪر نہ ڪريو تہ ڇا کائينداسين، نڪي پنهنجي بُت لاءِ تہ ڇا پهرينداسين.
ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو؛ پر جيڪو بہ عرض ڪريو، سو دعا ۽ منٿ سان شڪرگذاري سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪريو.
پنهنجو سمورو فڪر مٿس رکو، ڇالاءِ جو هن کي اوهان جو خيال آهي.