23 ڏاهي جي دل سندس وات کي تعليم ڏئي ٿي، ۽ سندس چپن ۾ علميت زيادہ ڪري ٿي.
23 عقلمند انسان ڳالهائڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪري ٿو، تڏهن ئي تہ سندس ڳالهيون ٻين تي اثر ڪن ٿيون.
سچي جي دل جواب ڏيڻ لاءِ ويچار ڪري ٿي: پر شرير جو وات خراب ڳالهيون وهايو ڇڏي.
ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.
منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي: جيڪي مون بادشاهہ جي بابت ٺاهيو آهي تنهنجو آءٌ بيان ٿو ڪريان: منهنجي زبان هڪڙي قابل ڪاتب جو قلم آهي.
ڏاهپ واري دل سياڻي سڏبي: ۽ چپن جو مٺاڻ علم وڌائي ٿو.
جنهن کي سمجهہ آهي تنهنجي لاءِ اُها حياتيءَ جو هڪڙو چشمو آهي: پر بي عقلن کي فهمائش ڏيڻ انهن جي بي عقلي آهي.
اهي توکي نہ سيکاريندا ۽ نہ چوندا ڇا، ۽ پنهنجي دل مان لفظ نہ ڪڍندا ڇا؟
ڏاهي ماڻهوءَ کي ڪو مناسب آهي ڇا تہ اجائي علميت سان جواب ڏئي، ۽ پنهنجو پيٽ اُڀرندي جي واءُ سان ڀري؟
تہ تون عقل قائم رکين، ۽ تنهنجا چپ علم جي سنڀال رکن.
ڏاهي جا چپ علم پکيڙين ٿا: پر بي عقل جي دل ائين نٿي ڪري.